بيجنگ - 28 جنوري (اي پي پي) چين ۾ ويزا فري پاليسي تحت ايندڙ پرڏيھين جي انگن ۾ سال 2025ع دوران رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. پرڏيھي ميڊيا مطابق چائنا نيشنل اميگريشن ايڊمنسٽريشن جي ترجمان ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ سال 2025ع ۾ اميگريشن مينيجمينٽ جا اھم انگ اکر جاري ڪيا. سال 2025ع ۾ مجموعي طور 697 ملين ڏيھي ۽ پرڏيھي ٽرپس ڏٺا ويا جيڪي 2024ع جي ڀيٽ ۾ 14.2 سيڪڙو وڌيڪ …
چين ۾ ويزا فري پاليسي تحت پرڏيھين جي آمد ۾ رڪارڊ اضافو

مزید خبریں
بيجنگ – 28 جنوري (اي پي پي) چين ۾ ويزا فري پاليسي تحت ايندڙ پرڏيھين جي انگن ۾ سال 2025ع دوران رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. پرڏيھي ميڊيا مطابق چائنا نيشنل اميگريشن ايڊمنسٽريشن جي ترجمان ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ سال 2025ع ۾ اميگريشن مينيجمينٽ جا اھم انگ اکر جاري ڪيا. سال 2025ع ۾ مجموعي طور 697 ملين ڏيھي ۽ پرڏيھي ٽرپس ڏٺا ويا جيڪي 2024ع جي ڀيٽ ۾ 14.2 سيڪڙو وڌيڪ آھن ۽ اھا ھڪ تاريخي بلند ترين سطح آھي، ان ۾ 335 ملين مين لينڊ جا رھائشي، 279 ملين ھانگ ڪانگ، ۽ تائيوان جا رھائشي ۽ 82.035 ملين پرڏيھي ھئا، جيڪو ترتيبوار 15.1 سيڪڙو، 10.1 سيڪڙو ۽ 26.4 سيڪڙو جو ھر سال جو اضافو آھي. 2025ع ۾ ويزا فري پاليسي تحت چين ۾ پرڏيھين طرفان 30.08 ملين ٽرپس ڏٺا ويا، جيڪو چين ۾ سمورن پرڏيھي ٽرپس جو 73.1 سيڪڙو بڻجي ٿو ۽ ان ۾ ساليانو بنيادن تي 49.5 سيڪڙو نمايا اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.











