تهران- 28 جنوري (اي پي پي) ايران جي حڪومت چيو آهي ته سفارتڪاري ترجيع آهي پر جنگ جي صورت ۾ جواب ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه حڪومتي ترجمان گذريل ڏينهن بيان ۾ چئي آهي. هن چيو ته ايران علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حل لاءِ سفارتي ذريعن تي عمل ڪري رهيو آهي پر ڪنهن به قسم جي خطري جو جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور …
سفارتڪاري ترجيح، جنگ جي صورت ۾ جواب ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون :ايران

مزید خبریں
تهران- 28 جنوري (اي پي پي) ايران جي حڪومت چيو آهي ته سفارتڪاري ترجيع آهي پر جنگ جي صورت ۾ جواب ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه حڪومتي ترجمان گذريل ڏينهن بيان ۾ چئي آهي. هن چيو ته ايران علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حل لاءِ سفارتي ذريعن تي عمل ڪري رهيو آهي پر ڪنهن به قسم جي خطري جو جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي . ترجمان چيو ته حڪومت جو ڌيان عالمي امن جي دائريڪار ۾ خطي ۾ سڪون ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ تي آهي ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ سفارتڪاري کي ترجيحي رستو سمجهيو ويندو . هن واضع ڪيو ته سفارتڪاري تي دارومدار جو مطلب اهو ناهي ته ٻين آپشنز کي حڪومتي ۽ ايراني خودمختياري جي ميز تان هٽايو ويو آهي.هن چيو ته رياست جا سمورا ادارا مڪمل هم آهنگي ۽ گڏيل قيادت تحت ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ايران جي اصل طاقت قومي اتحاد ۾ آهي جنهن ذريعي هو خطرناڪ حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ترجمان چيو ته اسان مڪمل طور تي تيار آهيون ۽ پنهنجي قومي وقار کي برقرار رکندي سمورن ادارن جي هڪ ئي وقت تياري سان گڏ انهن مشڪل حالتن کي منهن ڏينداسين.











