واشنگٽن -28 جنوري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي فوجي بحري جهاز جو هڪ ٻيو ٻيڙو ايران طرف روانو ٿي چڪو آهي جڏهن ته هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايران ڪنهن معاهدي تي راضي ٿي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست آئيووا ۾ هڪ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر چيو ته هڪ ٻيو خوبصورت سامونڊي ٻيڙو هن وقت ايران طرف وڌي رهيو …
ايران طرف وڌيڪ آمريڪي بحري ٻيڙي جي روانگي جو اعلان، ڊونلڊ ٽرمپ معاهدي جي اميد ظاهر ڪري ڇڏي

مزید خبریں
واشنگٽن -28 جنوري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي فوجي بحري جهاز جو هڪ ٻيو ٻيڙو ايران طرف روانو ٿي چڪو آهي جڏهن ته هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايران ڪنهن معاهدي تي راضي ٿي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست آئيووا ۾ هڪ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر چيو ته هڪ ٻيو خوبصورت سامونڊي ٻيڙو هن وقت ايران طرف وڌي رهيو آهي، هاڻي ڏسون ٿا ته ڇا ٿو ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته مونکي اميد آهي ته ايران معاهدو ڪندو. ان کان هڪ ڏينهن اڳ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ(سينٽ ڪام) سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ٻڌايو هيو ته يو ايس ايس ابراهم لنڪن ڪيريئر اسٽرائيڪ گروپ کي ايران ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ بدامني سبب وچ اوڀر ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. پر اهو واضح ناهي ٿيو ته صدر ٽرمپ پاران جنهن سامونڊي ٻيڙي جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهو يو ايس ايس ابراهم لنڪن ڪيريئر اسٽرائيڪ گروپ ئي آهي يا ڪو ٻيو بحري ٻيڙو آهي.











