حڪومتي ڪوششن سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول پيدا ٿي رهيو آهي: خرم شهزاد

لاهور- 18 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته حڪومت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ مناسب ماحول پيدا ٿي رهيو آهي جنهن سان نه رڳو مقامي پر پرڏيهي سيڙپڪار به فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، اسان جي ڪيش اڪنامي اڄ پوري خطي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. ماضي جي حڪومتي پاليسين جي نتيجي ۾ ڪيس اڪانومي ۾ …

لاهور- 18 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته حڪومت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ مناسب ماحول پيدا ٿي رهيو آهي جنهن سان نه رڳو مقامي پر پرڏيهي سيڙپڪار به فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، اسان جي ڪيش اڪنامي اڄ پوري خطي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. ماضي جي حڪومتي پاليسين جي نتيجي ۾ ڪيس اڪانومي ۾ واڌارو ٿيو، پر هاڻي حڪومت ان کي ريورس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، معيشت جڏهن دستاويزي هوندي ته ان سان ٽيڪس ۾ واڌ ٿيندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ حڪومتي مالي معاملا بهتر ٿيندا. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿيل 27 هين آءِ ٽي سي اين ايشيا ۾”فائر سائيڊ چيٽ آن ٽوڪنائزنگ دي سوورين ايسٽس ليڪوئڊيٽي ريڊي“ جي عنوان سان رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ڊجيٽل اڪانومي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته دنيا ۾ ڪا به نواڻ اچي، حڪومت جو ڪم آهي ته هو ان حوالي سان اهڙيون پاليسيون جوڙي ته ان جدت سان ملڪ ۽ عوام کي فائدو ٿئي. هن چيو ته موجوده حڪومت ان پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. هن وقت تائين اسان ان حوالي سان جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ان ۾ سڀ کان پهرين اسان مارچ 2025ع ۾ پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل ٺاهي ان ۾ حڪومت ۽ نجي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي گڏ ڪيو، حڪومت طرفان قانون واري وزارت، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، آءِ ٽي منسٽري کي ورتو جڏهن ته مارڪيٽ مان به نوجوان ۽ باصلاحيت ماڻهن کي گڏ ڪيو ته جيئن هو ان جي اڳواڻي ڪري سگهن. هن چيو ته پي سي سي جي قيام کانپوءِ اپريل 2025ع اسان اعلان ڪيو ته اسان ڪرپٽو ۽ بٽ ڪوائن ۾ پنهنجا ذخيرا ڪريئٽ ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پي سي سي جي قيام کانپوءِ جولاءِ 2025ع ۾ اسان پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگوليٽري اٿارٽي ٺاهي، ان اداري کي يو اي اي جي اداري جي طرز موجب ٺاهيو آهي. هن چيو ته هي ادارو لائنسنسگ ڪندو، جهڙي طرح اسٽيٽ بنڪ جو ڪردار آهي هن اداري جو به اهڙي قسم جو ڪردار هوندو. هن چيو ته پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي جو مينڊيٽ تمام وسيع آهي، جڏهن ته پي وي آر اي جو مخصوص مينڊيت آهي، هن چيو ته ڊجيٽل پاڪستان تمام وڏو ويزن آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته پهرين حڪومتي پيمنٽس ڊجيٽل ٿين، گذريل سال بئنڪ اڪائونٽس پلس والٽس جو انگ 90 ملين هو ۽ هاڻي اهو وڌي 112 ملين تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته اسان جو هدف 120 ملين آهي جنهن جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، هن چيو ته هي سمورا قدم عالمي معيار کي نظر ۾ رکندي کڻي رهيا آهيون، ٽوڪنائزيشن جي حوالي سان پڇيل سوال بابت هن چيو ته ان تي حڪومت سوچي رهي آهي پر اسان احتياط سان اڳتي وڌنداسين ۽ ان حوالي سان دنيا جي ٻين ملڪن جي تجربن مان سکي بهتر کان بهترين طرف وينداسين، هن چيو ته سڀ پراميد رهن، تمام سٺي اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ تمام جلد اعلان سامهون ايندا، حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي ته جئين جدت کي اختيار ڪري ۽ عوام لاءِ فائديمند بڻائي سگهجي.

مزید خبریں