ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 18 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 17 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 14 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 14 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 3 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 100 ڪيوسڪ آھي جڏھن …

اسلام آباد- 18 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 17 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 14 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 14 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 3 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 100 ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 ھزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1492.00 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.747 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1200.85 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.305 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه بئراج جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 647.00 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.212 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں