ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-18 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات/ هلڪي برفباري ٿي سگهي ٿي. ان دوران پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ وچولي …

اسلام آباد-18 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات/ هلڪي برفباري ٿي سگهي ٿي. ان دوران پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ ۽ جزوي جهڙالي رهي. پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. آچر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 08، اسڪردو،گوپس، بگروٽ ۾ ڪاٽو 06، زيارت، پاراچنار ۾ ڪاٽو 04، قلات، استور ۽ ڪالام ۾ ڪاٽو 03 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں