لاهور - 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد چيو آهي، ته حڪومت جي بهتر پاليسين عيوض ملڪ تيزي سان ترقي طرف گامزن آهي، جلد آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين، نوجوان اسان جو مستقبل آهن. وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت نوجوانن کي روزگار سان لڳائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. حق جي ويڙهه ۾ وڏي دشمن کي شڪست ڏني، اهڙو اظهار …
حڪومت جي بهتر پاليسين عيوض ملڪ تيزي سان ترقي طرف گامزن آهي: راڻا مشهود احمد خان

مزید خبریں
لاهور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد چيو آهي، ته حڪومت جي بهتر پاليسين عيوض ملڪ تيزي سان ترقي طرف گامزن آهي، جلد آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين، نوجوان اسان جو مستقبل آهن. وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت نوجوانن کي روزگار سان لڳائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. حق جي ويڙهه ۾ وڏي دشمن کي شڪست ڏني، اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ نجي يونيورسٽي جي انتظام هيٺ فنانشل اڪنامڪس اينڊ هيومنٽريز تي چوٿين عالمي ريسرچ ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. راڻا مشهود احمد چيو ته نوجوان ملڪ جو روشن مستقبل ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ نوجوانن جو اهم ڪردر آهي. حڪومت نوجوانن کي روزگار سان لڳائڻ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جنهن جو مقصد وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ صلاحيتن جي اظهار لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان جي نوجوانن ۾ تمام وڏو ٽيلنٽ موجود آهي، اسان جا ٻار ۽ ٻارڙيون هر ميدان ۾ اڳتي آهن، نوجوانن کي تعليم سان گڏ تربيت جي به ضرورت آهي، جنهن لاءِ نوجوانن کي رائيزنگ پاڪستان جو حصو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل يونيورسٽين اندر آهي، اسان کي پنهنجي تعليمي ادارن ۾ ريسرچ بيسڊ تعليم کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. دنيا ۾ هاڻي تعليم جو نظام ۽ تحقيق جو انداز تبديل ٿي رهيو آهي، دنيا اهڙي تحقيق گهري ٿي جنهن جو فائدو ۽ فوري نتيجا حاصل هجن، اسان اسڪلز ورڪرز تي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن هو سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگهن. هن شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان تحقيق کي پنهنجو قيمتي وقت ڏئي رهيا آهيو، ان تحقيق جا نتيجا به اچڻ گهرجن. حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان جنگي برتري سان گڏ ٽيڪنالاجي جي برتري پڻ ثابت ڪئي. هن چيو ته حڪومتي مثبت پاليسين عيوض پاڪستان ترقي ڏانهن تيزي وڌي رهيو آهي ۽ هاڻي دنيا جو رخ پاڪستان ڏانهن آهي. پاڪستاني پاسپورٽ 28 درجا بهتر ٿيو آهي، اسان جي لاءِ دنيا ۾ موقعا وڌي رهيا آهن، جلد آءِ ايم ايف کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جا سفير آهن، ملڪي ترقي ۽ پرڏيهه مان پورهيتن وٽان موڪليل ناڻي ۾ واڌ لاءِ انهن جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن.











