راول ڍنڍ ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ وارن هنڌن تي پاڻي جي معيار کي ٽيسٽ ڪيو وڃي: وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ماحولياتي تحفظ ايجنسي (اي پي آءِ) ۽ واسا کي هدايت ڪئي آهي ته روال ڍنڍ ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ وارن مختلف هنڌن تي گڏ ٿيل پاڻي جي معيار کي ٽيسٽ ڪيو وڃي ته جئين گدلاڻ وارن ذريعن ۽ ان جي شدت جو اندازو لڳائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راول …

اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ماحولياتي تحفظ ايجنسي (اي پي آءِ) ۽ واسا کي هدايت ڪئي آهي ته روال ڍنڍ ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ وارن مختلف هنڌن تي گڏ ٿيل پاڻي جي معيار کي ٽيسٽ ڪيو وڃي ته جئين گدلاڻ وارن ذريعن ۽ ان جي شدت جو اندازو لڳائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راول ڍنڍ جي پاڻي جي معيار جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾  موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه مورياڻي، آبي وسيلن واري وزارت جي سيڪريٽري سيد علي مرتضيٰ ۽ ٻين لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي وزارتن  ۽ ادارن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي وزير کي روال ڍنڍ ۾ شامل ٿيندڙ ٽن وڏن آبي نالن رنگ، ليڪ ويو ۽ جناح جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته انهن مان ڪيترائي نالا ويجهن رهائشي علائقن مان ڇوڙ ٿيندڙ سيوريج سبب گدلاڻ جو شڪار ٿي چڪا آهن. ان گدلاڻ جي خاتمي لاءِ سملي روڊ، بري امام ۽ شاهدره وارين هنڌن تي 3 سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳائڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پيئڻ لاءِ صاف ۽ محفوظ پاڻي تائين پهچ هر شهري جو بنيادي حق آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت کي پاڻي جي فراهمي ۽ سيوريج جي نظام تي سڌي ريت اختيار حاصل نه آهي جڏهن ته وزارت ان معاملي ۾ لاڳاپيل ادارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي ته جيئن وقت تي اثرائتن قدمن کي يقيني بڻائي سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته  حقيقت تي ٻڌل قدم ئي اثرائتي ۽ پائيدار حل جي ضمانت فراهم ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي ڊاڪٽر مصدق ملڪ هڪ اهم سوال اٿاريندي چيو ته اسان کي پاڻ کان اهو سوال ڪرڻو پوندو ته ڇا اهو پاڻي اسان پنهنجي ٻارن کي پيارڻ چاهينداسين؟ وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ بهتر ۽ اثرائتا رابطا وقت جي ضرورت آهن ته جئين سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳائڻ واري عمل کي تيز ڪري سگهجي ۽ عوام کي جلد کان جلد  صاف پيئڻ جو  پاڻي فراهم ڪري سگهجي.