کنڊ جي برآمدي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ التوا هيٺ ضروري ڪارروائي فوري طور تي مڪمل ڪئي وڃي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

اسلام آباد - 29 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سمورين لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته کنڊ جي برآمدي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ التوا هيٺ ضروري ڪارروائي فوري طور تي مڪمل ڪئي وڃي ته جيئن کنڊ جي صنعت ۽ ڪمند جي آبادگارن کي مدد فراهم ڪرڻ، پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ملڪي صارفين جي مفادن جي …

اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سمورين لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته کنڊ جي برآمدي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ التوا هيٺ ضروري ڪارروائي فوري طور تي مڪمل ڪئي وڃي ته جيئن کنڊ جي صنعت ۽ ڪمند جي آبادگارن کي مدد فراهم ڪرڻ، پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ملڪي صارفين جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اضافي کنڊ برآمد ڪرڻ بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ 2 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جي برآمد جي طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏني وئي جڏهن ته کنڊ جي قيمتن جي باقاعده نگراني جي لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي جي منطوري پڻ ڏني وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سمورين لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته ان عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ التوا هيٺ ضروري ڪارروائي فوري طور تي مڪمل ڪئي وڃي ته جيئن کنڊ جي صنعت ۽ ڪمند جي آبادگارن کي مدد فراهم ڪرڻ، پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ملڪي صارفين جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، واپار واري سيڪريٽري، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري سيڪريٽري ۽ صوبائي ادارن جي ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں