پاڪستان جي پاسپورٽ جي عالمي رينڪنگ ۾ 28 درجا بهتري وڏي ڪاميابي آهي: وفاقي وزير محسن نقوي

 اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪستان جي پاسپورٽ جي عالمي درجه بندي ۾ نمايان بهتري کي ملڪ لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستاني پاسپورٽ جي رينڪنگ 126 هين کان بهتر ٿي  98 هين پوزيشن تي اچي وئي آهي. محسن نقوي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته پاڪستاني پاسپورٽ جي …

 اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪستان جي پاسپورٽ جي عالمي درجه بندي ۾ نمايان بهتري کي ملڪ لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستاني پاسپورٽ جي رينڪنگ 126 هين کان بهتر ٿي  98 هين پوزيشن تي اچي وئي آهي. محسن نقوي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته پاڪستاني پاسپورٽ جي رينڪنگ جو 126 کان 98 هين نمبر تي اچڻ هڪ مضبوط ڪاميابي آهي. انشاءِ الله بهتري جو اهو سفر ان ئي تسلسل سان جاري رهندو.

مزید خبریں