صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار بابت نائب وزير شاهه رخ غلاموف جي ملاقات

اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار بابت نائب وزير شاهه رخ غلاموف جي ملاقات ٿي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ - ازبڪ لاڳاپن، ٻطرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ حصيداري کي وڌائڻ تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي.خاص مددگار هارون …

اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار بابت نائب وزير شاهه رخ غلاموف جي ملاقات ٿي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ – ازبڪ لاڳاپن، ٻطرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ حصيداري کي وڌائڻ تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي.خاص مددگار هارون اختر ازبڪستان جي نائب وزير ۽ سندس وفد کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جا لاڳاپا مضبوط بنيادن تي قائم آهن ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، معاشي ۽ واپاري رابطن ۾ نمايان اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو گڏيل اعتماد ۽ گڏيل مفادن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٻطرفي واپار کي 2 ارب ڊالرن تائين وڌايو وڃي جنهن لاءِ واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏني پئي وڃي. هن علائقائي رابطاڪاري ذريعي واپار کي هٿي ڏيڻ تي ٻنهي ملڪن جي اتفاق جو به ذڪر ڪيو. ازبڪ نائب وزير شاهه رخ غلاموف ان موقعي تي چيو ته پاڪستان هڪ دوست ملڪ آهي ۽ ازبڪستان گڏيل فائدي ۽ گڏيل ترقي جو خواهشمند آهي. هن جو چوڻ هو ته واپار، سيڙپڪاري، سياحت ۽ صنعت جي شعبن ۾ تعاون کي نوان رخ ڏيڻ جو عزم رکون ٿا. جڏهن ته پاڪ – ازبڪ حصيداري خطي ۾ استحڪام ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي پاڪ – ازبڪ گڏيل منصوبن لاءِ لاڳاپيل ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي اڳڀرائي تيزي سان جاري آهي.