ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگن اکر جاري

اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي)واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 18 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 18 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 400 ڪيوسڪ آھي. خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 3 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 100 ڪيوسڪ آھي،جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 7  هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 ھزار 300 …

اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي)واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 18 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 18 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 400 ڪيوسڪ آھي. خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 3 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 100 ڪيوسڪ آھي،جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 7  هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 ھزار 300 ڪيوسڪ  رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1492.00 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.747 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1200.55 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.285 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ،  پاڻي جي موجوده سطح 646.10 فٽ،  پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.178 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.