اسلام آباد -15 جنوري(اي پي پي)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي انهن ميمبرن جن پنهنجن اثاثن جا گوشوارا اڃان تائين جمع ناهن ڪرايا کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجن اثاثن ۽ بقايائن جا تفصيل تجويز ڪيل فارم بي تي اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 137 تحت اڄ 15 جنوري 2026ع تائين اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائين.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب …
سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر پنهنجن اثاثن ۽ بقايائن جا تفصيل تفصيل اڄ جمع ڪرائين: اليڪشن ڪميشن
اسلام آباد -15 جنوري(اي پي پي)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي انهن ميمبرن جن پنهنجن اثاثن جا گوشوارا اڃان تائين جمع ناهن ڪرايا کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجن اثاثن ۽ بقايائن جا تفصيل تجويز ڪيل فارم بي تي اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 137 تحت اڄ 15 جنوري 2026ع تائين اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائين.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب گوشوارا جمع ڪرائڻ جي صورت ۾ 16 جنوري 2026ع کان لاڳاپيل ميمبرن جي ميمبرشپ ملتوي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ گوشوارن جي وصولي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ پوليٽيڪل فنانس ونگ جون آفيسون اڄ رات 12 وڳي تائين کليل رهنديون.










