حج ڪوٽا 2 لک 30 هزار ڪرڻ لاءِ سعودي حڪومت سان رابطي ۾ آهيون: وفاقي وزير سردار محمد يوسف

اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف  چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي جي شرح سان ساليانو حج ڪوٽا 2 لک 30 هزار ڪرڻ لاءِ سعودي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهيون، وڏي اميد آهي ته ٻين ملڪن جي ڪوٽا ۾ اضافي سان گڏ پاڪستان جي ڪوٽا ۾ به اضافو ڪيو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي پرائيويٽ حج اسڪيم ۾ حج …

اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف  چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي جي شرح سان ساليانو حج ڪوٽا 2 لک 30 هزار ڪرڻ لاءِ سعودي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهيون، وڏي اميد آهي ته ٻين ملڪن جي ڪوٽا ۾ اضافي سان گڏ پاڪستان جي ڪوٽا ۾ به اضافو ڪيو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي پرائيويٽ حج اسڪيم ۾ حج پئڪيج لاءِ سڌارن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ ۾ حج پانڌيئڙن جي ٻٽي اميگريشن لاءِ لاهور کي به شامل ڪرڻ لاءِ ڪم تيزي سان جاري آهي، حج 2025ع کانپوءِ 75 سيڪڙو شڪايتون گهٽ ٿيون، هن سال وڌيڪ گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، حج 2026ع لاءِ 38 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن اسلام آباد ايئرپورٽ تان روٽ ٽو مڪه ذريعي اميگريشن ڪرائيندا. اهڙو اظهار هن حج ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ حج تربيتي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن ۽ وفاقي ڪابينا مان منظور ٿيل حج پاليسي 2026ع جي روشني ۾ سمورا انتظام سعودي ٽائيم لائن موجب وقت سر مڪمل ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جو حج پئڪيج هاڻي به سستو ۽ معياري آهي، حج انتظامن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت اسلام آباد ۽ ڪراچي سان گڏوگڏ لاهور ايئرپورٽ کي به شامل ڪرڻ لاءِ ڪم تيزي سان جاري آهي جنهن ذريعي حج پانڌيئڙن جي ٻٽي اميگريشن پاڪستان ۾ ئي مڪمل ٿي ويندي ۽ حاجي سڳورا سعودي ايئرپورٽ تي قطارن ۾ لڳڻ بدران سڌي ريت بسن ذريعي پنهنجي رهائشگاهه تي پهچي سگهندا. هن ٻڌايو ته هن سال اسلام آباد ايئرپورٽ تان 38 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا ان سهولت مان فائدو کڻندا جڏهن ته پشاور جا حج پانڌيئڙا به اسلام آباد کان شروع کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته سرڪاري حج اسڪيم تحت هڪ لک 20 هزار حج پانڌئيڙن کي ٻن قسطن ۾ رقم ادائيگي جي سهولت ڏني وئي هئي جنهن تي عوام ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. هن واضح ڪيو ته سمورن سرڪاري حج پانڌئيڙن لاءِ العزيزيه ۽ بطحا قريش ۾ هڪجهڙين سهولتن واريون عمارتون حاصل ڪيون ويون آهن، حج تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۾ هن ٻڌايو ته تربيت جو ٻيو مرحلو رمضان المبارڪ کانپوءِ شروع ٿيندو جنهن ۾ سمورا معاملا، ويڪسينيشن ۽ ٻين سهولتن جي باري ۾ تفصيل سان آگاهي فراهم ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته حج هڪ پورهيو ۽ آزمائش جو عمل آهي جنهن لاءِ صبر ۽ برداشت جو مظاهرو لازمي آهي. هن چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت 22 نڪاتي رهنمائي اصول جوڙيا آهن جن تي عمل ڪري حج جي رڪنن جي ادائيگي آسان بڻائي سگهجي ٿي. وفاقي وزير حج پانڌئيڙن کي تاڪيد ڪئي ته حرمين الشريفين جي قانونن ۽ ضابطن جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ اتي سنت موجب عبادت تي ڌيان ڏنو وڃي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪجهه ماڻهو طواف يا روضه رسول صلي الله عليه وآله وسلم تي حاضري دوران موبائيل فون تي تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهڻ ۾ مصروف رهندا آهن جنهن سان عبادت جو اصل مقصد متاثر ٿيندو آهي. هن چيو ته حجرِ اسود کي چمڻ وقت ٻين کي تڪليف ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته پري کان سلام ڪرڻ به سنت آهي.