اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز (پي پي پي پي) جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي طرزِعمل تي سخت مذمت ڪندي سندس مٿان زور ڀريو آهي ته هو پنهجي صوبي جي حالتن کي بهتر ڪرڻ تي ڌيان ڏئي. سحر ڪامران ۽ همايون خان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت روايت موجب …
پ پ پ پ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري پاران ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي طرزِعمل تي تنقيد، صوبي جي حالتن تي ڌيان ڏيڻ تي زور
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز (پي پي پي پي) جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي طرزِعمل تي سخت مذمت ڪندي سندس مٿان زور ڀريو آهي ته هو پنهجي صوبي جي حالتن کي بهتر ڪرڻ تي ڌيان ڏئي. سحر ڪامران ۽ همايون خان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت روايت موجب سندس ميزباني ڪئي، جڏهن ته شازيه مري ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي غير ذميداراڻي طرزِعمل جي سخت مذمت ڪئي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پ پ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر عوامي حقن، ماحولياتي تحفظ ۽ آئيني بالادستي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهندي. پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي نجڪاريءَ جي حوالي سان هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت جي دؤر ۾ هڪ وزير جي جاري ڪيل غير ذميداراڻي بيان سبب قومي ايئر لائن وڏو نقصان برداشت ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ان جي ذميدارن کي نقصانن لاءِ جواب ڏيڻ گهرجي. شازيه مري چيو ته آئين موجب گيس پيدا ڪندڙ علائقن کي کپت ۾ ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ قدرتي گيس جي لوڊشيڊنگ جي مسئلن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن اسلام آباد ۾ وڻن جي واڍي تي به خدشن جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو ته اهڙيءَ طرح جي قدمن سان موسمياتي تبديلين جا اثر خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. هن چيو ته شفافيت بنا وڻن جي واڍي خدشن کي جنم ڏئي ٿي. هن مطالبو ڪيو ته ٻُڌايو وڃي ته ڪيترا وڻ ٻيهر لڳايا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ شازيه مري چيو ته پارٽيءَ کي ويجهڙ ئي ۾ 20 تاريخ تي ٿيندڙ گڏيل پارلياماني اجلاس بابت آگاهه ڪيو ويو پر اڃا تائين باضابطه طور تي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پ پ جمهوريت جي مفاد ۾ حڪومت جي اتحادي آهي پر آئيني اصولن تي سمجهوتو نه ڪندي. پريس ڪانفرنس دوران سحر ڪامران چيو ته پ پ هميشه عوامي مسئلن کي پارليامينٽ ۾ اجاگر ڪيو آهي، جنهن ۾ پي آءِ اي جي نجڪاريءَ جي شفافيت، ملازمن جي حقن ۽ آبادگارن کي پيش ايندڙ مسئلا شامل آهن.










