اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان پاڪستان ۾ ڪئنيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪئنيڊا جي وفد جي آجيان ڪندي ٻه طرفي واپار ۾ واڌ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. سيڙپڪاري …
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان پاڪستان ۾ ڪئنيڊا جي هاءِ ڪمشنر جي اهم ملاقات
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان پاڪستان ۾ ڪئنيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪئنيڊا جي وفد جي آجيان ڪندي ٻه طرفي واپار ۾ واڌ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. سيڙپڪاري بورڊ موجب وفاقي وزير ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪينولا جي واپار ۾ ڪئنيڊا جي نمايان اڳڀرائي ۽ بريڪ ٿرو کي ساراهيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ڪئنيڊا وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سيڙپڪاري، بزنس فيسليٽيشن سينٽر، ريگيوليٽري سڌارن ۽ خاص اقتصادي زونز تي بريفنگ ڏني. ڌُرين زراعت، معدنيات، مينيوفيڪچرنگ، ڊجيٽلائزيشن ۽ گرين انرجي ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان- ڪئنيڊا سيڙپڪاري معاهدي تي ڳالهيون جلد بحال ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سيڙپڪاريءَ لاءِ موزون ۽ پُرڪشش ملڪ آهي. بورڊ آف انويسٽمينٽ پاڪستان ۾ پائيدار سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. ملاقات دوران وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي طرفان پاڪستان ۽ ڪئنيڊا وچ ۾ ثقافتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي به زور ڀريو ويو. ڪئنيڊا جي هاءِ ڪمشنر طرفان JCM Power جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري بابت آگاهه ڪيو ويو.










