اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4 هزار 300 رپين جي واڌ بعد في تولو سون 4 لک 86 هزار 162 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 86 هزار 1 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 3687 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 13 هزار 118 رپين مان وڌي 4 …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4300 رپين جي واڌ رڪارڊ، في تولو سون 4 لک 86 هزار 162 روپين جو ٿي ويو
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4 هزار 300 رپين جي واڌ بعد في تولو سون 4 لک 86 هزار 162 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 86 هزار 1 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 3687 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 13 هزار 118 رپين مان وڌي 4 لک 16 هزار 805 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 78 هزار 705 رپين مان وڌي 3 لک 82 هزار 085 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 500 رپين جي واڌ کانپوءِ 9575 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 429 رپين جي واڌ کانپوءِ 8209 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4595 ڊالر مان وڌي 4638 ڊالر ٿي وئي.










