وفاقي ڪابينا ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن تي غور جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن تي غور جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي، وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته هڪ سئو، پنج سئو، هڪ هزار ۽ پنج هزار رپين جي نئين ڊيزائن جا بئنڪ نوٽ متعارف ڪرايا ويندا، نئين ڪرنسي نوٽن ۾ وڌيڪ بهتر سيڪيورٽي ٿريڊ استعمال ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم …

اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن تي غور جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي، وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته هڪ سئو، پنج سئو، هڪ هزار ۽ پنج هزار رپين جي نئين ڊيزائن جا بئنڪ نوٽ متعارف ڪرايا ويندا، نئين ڪرنسي نوٽن ۾ وڌيڪ بهتر سيڪيورٽي ٿريڊ استعمال ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا کي ناڻي واري وزارت پاران اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران جاري ٿيندڙ بئنڪ نوٽن جي نئين ڊيزائن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نئين ڪرنسي نوٽن کي جديد دور جي گهرجن جي حوالي سان ڊيزائن ڪيو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان عالمي ماهرن جون خدمتون ورتيون ويون آهن. هڪ سئو، پنج سئو، هڪ هزار ۽ پنج هزار رپين جي نئين ڊيزائن جا بئنڪ نوٽ متعارف ڪرايا ويندا. نئين ڪرنسي نوٽن ۾ وڌيڪ بهتر سيڪيورٽي ٿريڊ استعمال ڪيو ويندو. نئين ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن ۾ پاڪستان جي علائقائي ۽ جاگرافيائي تنوع ۽ تاريخي يادگارن کي جڳهه ڏني وئي آهي جڏهن ته عورتن جي قومي ترقي ۾ شموليت ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن اهم معاشرتي موضوعن کي پڻ ڊيزائن جو حصو بڻايو ويندو. وفاقي ڪابينا ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن تي غور جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وفاقي ڪابينا مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت پاران پيش ڪيل پرائيويٽ حج آپريٽرز ڪمپنيز جي ٿرڊ پارٽي جي ذريعي رجسٽريشن ۽ جانچ جي حوالي سان پرائيويٽ حج پاليسي 2030 – 2027ع جو مسودو ڪابينا ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ وڌيڪ غور جي لاءِ حج پاليسي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 24 ڊسمبر 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 23 ڊسمبر 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.