منامه - 14 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قصر الضيبيه ۾ بحرين جي فرمانروا عزت مآب شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون کي عملي سگهه …
صدر آصف علي زرداري جي بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ملاقات، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ
منامه – 14 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قصر الضيبيه ۾ بحرين جي فرمانروا عزت مآب شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون کي عملي سگهه ڏيڻ ۽ ٻطرفي رابطن کي نئين رفتار ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر سان گڏ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، سينيٽر سليم مانڊوي والا، بلوچستان جو زراعت وارو وزير مير علي حسن زهري پڻ موجود هئا. محل اچڻ تي صدر آصف علي زرداري کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه پاڪستان – بحرين لاڳاپن جي فروغ ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ صدر آصف علي زرداري کي بحرين جو اعليٰ ترين اعزاز آرڊر آف شيخ عيسيٰ بن سلمان آل خليفه (فرسٽ ڪلاس) عطا ڪيو. صدر قصر القضيبيه جي وزيٽرز بُڪ ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا. صدر آصف علي زرداري اڳ ۾ شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – بحرين لاڳاپن جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ انهن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري بحرين جي شاهه ۽ بحريني قيادت پاران فراهم ڪيل گرمجوشي ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪيا ۽ پاڪستان جي لاءِ بحرين جي شاهه جي مستقل خيرسگالي کي ساراهيو. هن سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ ثقافتي شعبن ۾ تعاون جي دائره ڪار کي وسيع ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ بحرين جي شاهه کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني. بعد ۾ ٿيندڙ توسيعي ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌائڻ جي ٺوس طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مضبوط سياسي لاڳاپن کي وڌندڙ واپار ۽ گهري سيڙپڪاري رابطن ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. هن بحريني سيڙپڪارن کي پاڪستان جي ترجيحي شعبن جن ۾ زراعت ۽ غذائي تحفظ، آءِ ٽي ۽ ڊيجيٽل خدمتن، صحت، سياحت ۽ بنيادي ڍانچو شامل آهن، ۾ موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي معاونت ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جي سهولتڪار ڪردار کي اجاگر ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان بحرين کي هڪ اهم اقتصادي حصيدار سمجهي ٿو ۽ ويجهي تعاون سان ٻنهي ملڪن جي لاءِ گڏيل فائديمند موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا. هن پاڪستان جي اقتصادي صلاحيت، علائقائي رابطن ۽ هنرمند افرادي قوت جو حوالو ڏيندي پائيدار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ گڏيل منصوبن جي حوصلا افزائي ڪئي. صدر آصف علي زرداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان قائم دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي ٻطرفي لاڳاپن جو ٿنڀ قرار ڏنو ۽ هٿياربند فوج جي وچ ۾ ويجهي ۽ اداراجاتي رابطي جو ذڪر ڪندي ان حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي صدر چيو ته عالمي برادري هن وقت غيريقيني ۽ تيز رفتار تبديلين جي هڪ مشڪل دور مان گذري رهي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اڀرندڙ عالمي نظام جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ قومن کي گڏجي متحد رهڻو پوندو، ڇو ته هڪ خطي جي عدم استحڪام جا اثر ٻين تي به پئجي سگهن ٿا. هن اتحاد، ثابت قدمي، دانشمندي ۽ ضبط کي ايندڙ دور جو بنيادي قدر قرار ڏنو ۽ چيو ته گڏيل عزم جي ذريعي نه رڳو مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو پر ترقي به ممڪن آهي. صدر آصف علي زرداري بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ پُل قرار ڏيندي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن بحريني قيادت جا ٿورا ادا ڪيا ته اها ملڪ ۾ رهندڙ ۽ ڪم ڪندڙ هڪ لک 16 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي عزت، موقعا ۽ معاونت فراهم ڪري رهي آهي ۽ بحرين جي ترقي ۽ عوامي رابطن ۾ انهن جي مثبت خدمتن کي ساراهيو. هن اسلام آباد ۾ نرسنگ اينڊ الائيڊ ميڊيڪل سائنسز بابت ڪنگ حمد يونيورسٽي جي قيام کي بحرين جي شاهه جو هڪ فراخدلاڻو تحفو قرار ڏنو ۽ ان کي پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي پائيدار علامت ٻڌايو. ٻنهي اڳواڻن امن، استحڪام ۽ گهڻ رخي نظام جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي چئلينجز جي حل لاءِ مڪالمي ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. هن گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي خاص طور تي مسلمان امت بابت گڏيل معاملن تي ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه پاڪستان ۽ بحرين کي گڏيل احترام، اسلامي ڀائيچاري ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل تاريخي لاڳاپا رکندڙ ڀائر ملڪ قرار ڏنو. هن صدر جي دوري کي ٻطرفي لاڳاپن جي وڌيڪ استحڪام طرف هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو ۽ سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ ترقياتي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي بحرين جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بحرين جي شاهه پاڪستان پاران بحرين جي مسلسل حمايت، پاڪستاني برادري جي مثبت خدمتن، عرب ۽ اسلامي دنيا جي مسئلن ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ بحرين جو سفير محمد ابراهيم عبدالقادر ۽ بحرين ۾ پاڪستان جو سفير ثاقب رئوف پڻ موجود هئا. بحرين پاران ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ شيخ محمد بن عيسيٰ آل خليفه ۽ بحرين جي پرڏيهي وزير شيخ ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي.










