اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني مضبوط، چونڊيل ۽ مالي طور تي خودمختيار مقامي حڪومتن کي جمهوريت کي عملي ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته ڊيولوشن قومي يڪجهتي جي لاءِ خطرو نه آهي پر ان جي مضبوط ضمانت آهي ڇو ته ان سان عوامي شرڪت ۾ اضافي، شڪايتن جي وقت سر ازالي ۽ جمهوري ادارن تي عوام …
مضبوط، چونڊيل ۽ مالي طور تي خودمختيار مقامي حڪومتون جمهوريت کي عملي ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ لازمي آهن: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني
اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني مضبوط، چونڊيل ۽ مالي طور تي خودمختيار مقامي حڪومتن کي جمهوريت کي عملي ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته ڊيولوشن قومي يڪجهتي جي لاءِ خطرو نه آهي پر ان جي مضبوط ضمانت آهي ڇو ته ان سان عوامي شرڪت ۾ اضافي، شڪايتن جي وقت سر ازالي ۽ جمهوري ادارن تي عوام جو اعتماد مضبوط ٿئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيولوشن سمٽ 2026ع جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وقتي صدر چيو ته کيس سمٽ کي خطاب جو موقعو ملڻ تي خوشي آهي. هن ان فورم کي هڪ اهم پليٽ فارم قرار ڏنو جتي پارليامينٽ جا ميمبر، آئيني ماهر، سرڪاري منتظمين، معيشت جا ماهر ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا ان ڳالهه تي سنجيده ۽ منظم غور فڪر جي لاءِ گڏ ٿيا ته پاڪستان ۾ اختيارن جي هيـٺئين سطح تائين منتقلي کي ڪهڙي طرح پائيدار، موثر ۽ عوام جي ضرورتن موجب بڻائي سگهجي ٿو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سول سروس جي ڍانچي، مراعتن ۽ ترقي جي نظام کي ڊيولوشن جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ گهرجي. هن پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پنجاب لوگل گورنمينٽ ڪاڪس کي ان وقت سر ۽ بامقصد سمٽ منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته آئيني ڍانچي، مالياتي وفاقيت ۽ انتظامي سڌارن کي بحث جو محور بڻائي منتظمين اهو يقيني بڻايو ته ڊيولوشن کي رڳو هڪ سياسي نعرو نه پر هڪ اهڙو آئيني نظام سمجهيو وڃي جنهن کي قانون، وسيلن ۽ مضبوط ادارن جي ضرورت هوندي آهي. وقتي صدر چيو ته بطور سينيٽ چيئرمين هو ان موضوع کي گهري آئيني فرض جي احساس سان ڏسي ٿو ڇو ته سينيٽ صوبائي حقن جي تحفظ، وفاقي توازن جي قيام ۽ قومي فيصلاسازي ۾ وفاقي اڪائين جي آواز کي يقيني بڻائڻ جو ادارو آهي. هن زور ڏنو ته ڊيولوشن تي ڪا به بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه آئين ۾ ڏنل ڪوآپريٽو فيڊرلزم جي جذبي تحت ٿيڻ گهرجي. هن پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور جو حوالو ڏيندي چيو ته اختيارن جي منتقلي منهنجي سياسي سفر جو مرڪزي حصو رهيو آهي، خاص طور تي 18هين آئيني ترميم جي ذريعي جيڪا غيرمعمولي سياسي اتفاق راءِ سان منظور ٿي، ان پارلياماني بالادستي بحال ڪئي، صوبائي خودمختياري کي مضبوط ڪيو ۽ غيرمرڪزيت جي اصول کي آئيني طور تي مستحڪم ڪيو. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم جي ذريعي گڏيل قانونسازي جي فهرست کي ختم ڪيو ويو ۽ تعليم، صحت، زراعت، محنت ۽ سماجي ڀلائي جهڙا اهم شعبا وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويا، ان آئيني مينڊيٽ کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ منهنجي حڪومت 17 وفاقي وزارتن جي مرحليوار منتقلي جي نگراني ڪئي ۽ پهرين جولاءِ 2011ع کي صوبائي خودمختياري ڏهاڙو قرار ڏنو جيڪو مرڪزي ڪنٽرول کان هٽي ڪري آئيني اختيار تحت گڏيل طرز حڪمراني طرف هڪ فيصلائتي تبديلي جي علامت هو. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 18هين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ آئين پاڻ ان تاريخي منتقلي جي عمل کي منظم ۽ موثر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ هڪ باقاعده ۽ منظم طريقيڪار فراهم ڪيو، آرٽيڪل اي اي 270 تحت هڪ امپليمينٽيشن ڪميشن قائم ڪئي وئي جنهن کي وفاق کان صوبن کي اختيارن، ادارن ۽ فرضن جي منتقلي جي نگراني، هم آهنگي ۽ رهنمائي جي ذميواري ڏني وئي، ان ڪميشن آئيني تبديلي جي ان انتهائي اهم دور ۾ قانوني وضاحت کي يقيني بڻائڻ، بين الحڪومتي مسئلن جي حل ۽ نظام جي تسلسل کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ان جي ڪم هڪ بنيادي حقيقت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو جيڪو اڄ به پوري طرح لاڳو آهي. هن چيو ته ڊيولوشن ڪو هڪ وقتي قانونسازي جو عمل نه آهي پر محتاط ۽ منظم آئيني عمل آهي جنهن جي لاءِ پائيدار سياسي ملڪيت، انتظامي آمادگي ۽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ موثر تعاون لازمي هوندو آهي. وقتي صدر چيو ته مالي وسيلن کانسواءِ آئيني اختيار نامڪمل هوندا آهن ۽ انهي لاءِ ستون قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ 18هين ترميم جو لازمي تڪميلي جز هو. هن سمٽ جي بحثن جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ ڊيولوشن اڪثر وقت تي پائيدار هجڻ بدران وقتي نوعيت جو رهيو آهي. هن چيو ته پهرين سيشن ۾ آئيني ڍانچي تي زور ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته تسلسل، آئيني ۽ وفاداري ۽ اداراجاتي حدن جو احترام لازمي آهي. هن چيو ته اها ڳالهه اهم آهي ته پارليامينٽ جي جاري نگراني جي ڪردار کي تسليم ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ سينيٽ ڊيولوشن بابت ڪميٽي قائم ڪئي ته جيئن 18هين ترميم کانپوءِ جي فريم ورڪ تي مسلسل پارلياماني جائزو وٺي سگهجي. هن چيو ته ان ڪميٽي کي اها ذميواري ڏني وئي ته اها ڊيولوشن جي لاڳو جو جائزو وٺي، اداراجاتي يا قانوني رڪاوٽن جي نشاندهي ڪري ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي آئيني توازن کي قائم رکي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ان ڪميٽي جو وجود سينيٽ جي ان منفرد ذميواري جي عڪاس آهي ته اها صوبائي مفادن جو تحفظ ڪري ۽ اهو يقيني بڻائي ته وفاقي معاهدو آئيني مقصدن موجب ترقي ڪري. هن چيو ته اهڙي طرح سول سروس سڌارن تي ٿيندڙ بحثن آئيني ڍانچي ۽ انتظامي عمل جي وچ ۾ هڪ اهم تضاد کي اجاگر ڪيو آهي. وقتي صدر چيو ته ٽي سطحي آئيني نظام مرڪزي رياست جي لاءِ ڊيزائن ڪيل بيوروڪريسي سان گڏ موثر طريقي سان ڪم نه ٿو ڪري سگهي، انتظامي هم آهنگي کي برقرار رکڻ ضروري آهي پر اهو غيرمرڪزيت تي ٻڌل فيصلاسازي، مقامي سطح تي جوابدهي ۽ خدمت تي مرڪوز حڪمراني سان هم آهنگ هجڻ گهرجي. هن چيو ته هاڻي اها هڪ اداراجاتي ضرورت بڻجي چڪي آهي ته سول سروس جي ڍانچي، مراعتن ۽ ڪيريئر جا رستا ڊيولوشن جي گهرجن موجب آندا وڃن. هن چيو ته مقامي حڪومتون شهرين جي روزاني جي زندگي ۾ رياست جو سڀ کان فوري ۽ واضح اظهار آهن، جڏهن اهي موثر طريقي سان ڪم ڪن ٿيون ته جمهوريت حقيقي ۽ محسوس ٿيل بڻجي وڃي ٿي، خدمتن ۾ بهتري اچي ٿي، شڪايتن جو وقت سر ازالو ٿئي ٿو ۽ ڪميونٽيز ۾ نمائندگي جو احساس پيدا ٿئي ٿو. وقتي صدر چيو ته جڏهن اهي ڪمزور يا غيرفعال هجن ته حڪمراني پري ۽ غيرجوابي محسوس ٿئي ٿي تنهن ڪري مقامي حڪومتن جي ادارن کي مضبوط بڻائڻ، باقاعده چونڊن کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن جي اختيارن ۽ ماليات کي واضح طور تي مقرر ڪرڻ، ڊيولوشن جي آئيني واعدي کي پورو ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چيو ته اسلام آباد ڊيولوشن سمٽ چارٽر جيڪو توهان جي گڏيل غور فڪر سان اڀريو آهي، انهن چئلينجز کي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سوچيل سمجهيل ۽ عملي رهنما دستاويز فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ان چارٽر بحث ۽ مباحثي کي آئيني، مالياتي ۽ انتظامي اصولن ۾ تبديل ڪري مستقل سڌارن جو بنياد رکيو آهي، ان جي اصل اهميت رڳو اڄ جي توثيق ۾ نه آهي پر ان جي مسلسل وڪالت ۽ قانونسازي ۽ انتظامي قدمن جي ذريعي عملدرآمد ۾ آهي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته بطور سينيٽ چيئرمين آئون تعاون تي ٻڌل وفاقيت، صوبائي برابري ۽ موثر ڊيولوشن جي فروغ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو. هن چيو ته سينيٽ وفاقي اڪائين جي وچ ۾ مڪالمي جو فورم، آئيني توازن جو محافظ ۽ سڌارن جي لاءِ هڪ محرڪ جي طور تي ڪم جاري رکندو جيڪو حڪمراني کي عوام جي ويجهو آڻي. هن چيو ته ڊيولوشن قومي يڪجهتي جي لاءِ خطرو نه آهي پر ان جي مضبوط ضمانت آهي ڇو ته ان سان عوامي شرڪت وڌي ٿي، شڪايتن جو وقت سر ازالو ٿئي ٿو ۽ جمهوري ادارن تي اعتماد مضبوط ٿئي ٿو. وقتي صدر چيو ته پارلياماني سياست ۽ جمهوري جدوجهد جي ڊگهي تجربي مان مون اهو سکيو آهي ته پائيدار سڌارا اتفاق راءِ، صبر ۽ اداراجاتي احترام جي ذريعي حاصل ڪيا وڃن ٿا، ڊيولوشن هڪ مسلسل عمل آهي جيڪو بيداري، سياسي پختگي ۽ آئين جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو گهرجائو آهي. هن تقريب جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا ادا ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اسلام آباد ڊيولوشن چارٽر هڪ زندهه دستاويز جي طور تي پاليسي سازي ۽ قانونسازي جي رهنمائي ڪندو رهندو ۽ اسان کي ياد ڏياريندو رهي ته حڪمراني جي حقيقي پيمائش اسان جي شهرين جي روزاني جي زندگي جي تجربن ۾ لڪيل آهي.










