اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سول سروس کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ سڌارن کي لازمي قرار ڏيندي ڪارڪردگي جانچڻ جو جامع ۽ موثر نظام جوڙڻ جي لاءِ سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ تجويز ڪيل سول سروسز سڌارن ۽ وزارتن ۾ ڪارڪردگي جي …
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ تجويز ڪيل سول سروسز سڌارن ۽ وزارتن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي نظام جي سفارشن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس
اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سول سروس کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ سڌارن کي لازمي قرار ڏيندي ڪارڪردگي جانچڻ جو جامع ۽ موثر نظام جوڙڻ جي لاءِ سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ تجويز ڪيل سول سروسز سڌارن ۽ وزارتن ۾ ڪارڪردگي جي جانچ جي نظام جي سفارشن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي سول سروس کي عالمي معيار ۽ عالمي سطح جي ڪارڪردگي سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ سڌارا لازمي آهن. هن وفاقي سيڪريٽرين جي ڪارڪردگي جانچڻ جي لاءِ جامع ۽ موثر نظام جون سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن جي ساراهه سول سروسز جي مجموعي بهتري لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن هدايت ڪئي ته لاڳاپيل ڪميٽي سول سروس ۾ ارتقائي پر موثر ۽ جامع سڌاراجاتي سفارشون جلد کان جلد جوڙي. آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جامع جانچ جي بنياد تي انهن جي ترقي، مالي فائدن ۽ ٻين مراعتن جو نظام جوڙڻ جي لاءِ سفارشون جوڙيون وڃن. هن چيو ته سول سروس ۾ سڌارن جو مقصد موثر عوامي خدمت ۽ سهولتن جي فراهمي جي ذريعي عوام جي زندگي ۾ واضح بهتري کي يقيني بڻائڻ آهي، معاشي آسودگي ۽ سماجي هم آهنگي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سول سروس سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن هدايت ڪئي ته سول سروس جي تجويز ڪيل سڌارن ۾ سول انتظاميا، سمورين سروسز ۽ گروپس جي ڌرين سان بامعنيٰ مشاورت ڪئي وڃي. هن چيو ته سول سروس ڪنهن به ملڪ جي گورننس ۽ عوامي ڀلائي جو بنيادي ڍانچو هوندي آهي، آفيسرن جي ڪارڪردگي ۽ قابليت کي موجوده دور جي گهرجن ۽ عالمي سطح جي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سفارشون جوڙيون وڃن. سول سروسز سڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي اهڙيون سفارشون تجويز ڪري جيڪي قابل عمل، پائيدار ۽ موثر عوامي سهولت جو سبب بڻجن. وزيراعظم سول سروسز سڌارن تي ڪم ڪندڙ ڪميٽي کي آفيسرن جي ڪارڪردگي جي ٺوس جانچ جي بنياد تي ترقي، فائدن ۽ ٻين سهولتن جي نظام جون سفارشون جوڙڻ جي خصوصي هدايت ڪئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت جي سڌاراجاتي ۽ عوام جي ڀلائي تي ٻڌل پاليسين جو ثمر عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ سول سروسز هڪ بنيادي ڍانچي جو ڪردار ادا ڪري ٿي. اجلاس ۾ سول سروسز سڌارن تي قائم ڪيل ڪميٽي وزيراعظم کي هيستائين جي مشاورت ۽ سفارشن تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل سرڪاري عهديدارن شرڪت ڪئي.










