اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان جمهوريه ڪرغزستان جي سفير ڪيليچ بيڪ سلطان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي ثقافتي سهڪار ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن ۾ ٿي. جتي وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري، ڪرغزستان جي سفير جو شاندار استقبال ڪيو. ملاقات دوران وفاقي وزير اورنگزيب …
قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان جمهوريه ڪرغزستان جي سفير جي ملاقات
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان جمهوريه ڪرغزستان جي سفير ڪيليچ بيڪ سلطان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي ثقافتي سهڪار ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن ۾ ٿي. جتي وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري، ڪرغزستان جي سفير جو شاندار استقبال ڪيو. ملاقات دوران وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي، ڪرغزستان جي صدر صادرنورگوزوئيوچ زاپاروف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي اجلاس جو حوالو ڏنو جنهن ۾ ٻه طرفن معاملن خاص ڪري عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سفير کي آگاهه ڪيو ويو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزارت جي هدايتن جي روشني ۾ اسلام آباد ۾ مارچ 2026ع جي آخري هفتي ۾ ڪرغزستان جو ثقافتي ڏهاڙو منعقد ڪرڻ جو منصوبو آهي، هڪ کان 2 ڏينهن وارين تقريبن ۾ ڪرغزستان جي دستاڪري، کاڌن، روايتي ڪپڙن، آرٽ ۽ فوٽو گرافي نمائش، فلم شو، موسيقي ۽ رقص سميت ٻيون ثقافتي سرگرميون شامل هونديون، پاڪستاني حڪومت مهمان وفد لاءِ مقامي مهمان نوازي جو انتظام ڪندي. ملاقات ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته پاڪستان 9 ڏينهن جون تقريبون منعقد ڪرڻ جو به ارادو رکي ٿو جنهن ۾ ڪرغزستان سميت پاڪستان سان سفارتي لاڳاپا رکندڙ مختلف ملڪن کي گهرايو ويندو. ڪرغزستان جي سفير چيو ته هو پنهنجي حڪومت سان رابطو ڪري هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين شرڪت جي تصديق ڪندو ته جيئن انتظام بروقت مڪمل ڪري سگهجن. هن ٻڌايو ته ڪرغزستان جو وفد لاهور وڃڻ جو به منصوبو رکي ٿو. وفاقي وزير، تجويز ڏني ته اسلام آباد ۾ تقريبن کانپوءِ وفد لاهور جو دورو به ڪري سگهي ٿو. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي جوائنٽ سيڪرٽري سمرين زهرا کي پاڪستان طرفان فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪرغزستان به پنهنجي طرفان فوڪل پرسن نامزد ڪندو. سفير کي اهو به چيو ويو ته هو لاهور ۾ ڪرغزستان جي اعزازي قونصل جنرل سان رابطا اجلاس جا انتظام ڪندا. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سووينئرز جي مٽا سٽا ڪئي وئي جنهن سان پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.










