حڪومت جامع اقتصادي سڌارن تي عمل ڪري رهي آهي، جون تائين سموريون حڪومتي ادائيگيون ڊجيٽل چئنلز تي منتقل ٿي وينديون: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت جامع اقتصادي سڌارن تي عمل ڪري رهي آهي، معاشي سڌارن سان ئي ترقي ممڪن آهي، جون تائين سموريون حڪومتي ادائيگيون ڊجيٽل چئنلز تي منتقل ٿي وينديون. اها ڳالهه هن پاڪستان پاليسي ڊائيلاگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وفاقي وزير پائيدار اقتصادي اوسر ۽ ترقي لاءِ حڪومت جي قدمن جو ذڪر …

اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت جامع اقتصادي سڌارن تي عمل ڪري رهي آهي، معاشي سڌارن سان ئي ترقي ممڪن آهي، جون تائين سموريون حڪومتي ادائيگيون ڊجيٽل چئنلز تي منتقل ٿي وينديون. اها ڳالهه هن پاڪستان پاليسي ڊائيلاگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وفاقي وزير پائيدار اقتصادي اوسر ۽ ترقي لاءِ حڪومت جي قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته مختلف شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي ڇاڪاڻ ته اسان سمجهون ٿا ته معاشي سڌارن سان ئي ترقي ممڪن آهي. هن چيو ته نجي شعبو ترقي جي انجڻ آهي، معيشت جي بهتري لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ نجي شعبي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ناڻي واري وزير چيو ته وڌيڪ ٽيڪس ۽ توانائي جون ڳريون قيمتون ڪاروبار لاءِ سنجيده مسئلا آهن، حڪومت ٽيرف کي مناسب بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ٽيڪس پاليسي کي ايف بي آر کان ناڻي وزارت ڏانهن منتقل ڪيو ويو جنهن جو مقصد پاليسي سازي ۽ ٽيڪس وصولي جي عمل کي ڌار ڪرڻ آهي. ايف بي آر جو ڌيان هاڻي ٽيڪس وصولي تي آهي، ايف بي آر ۾ جامع سڌارا جاري آهن جن جا بهتر نتيجا اچي رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته هن سال جون تائين سموريون حڪومتي ادائيگيون ڊجيٽل چئنلز تي منتقل ٿي وينديون، بئنڪاري کان ٻاهر رهندڙ ماڻهن ۽ ادارن کي باقاعده مالياتي نظام ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو سٺي ڳالهه آهي، گذريل مالي سال دوران مٽاسٽا جي ناڻي جو ڳاڻيٽو 38 ارب ڊالرز هو، هلندڙ سال 41 ارب ڊالرن جي مٽاسٽا جي ناڻي جي اميد آهي. هن چيو ته ڊيوٽيز کي مناسب بڻائڻ ۽ ڪاروباري لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي، حڪومت ان مقصد لاءِ قدم کڻي رهي آهي، 78 سالن ۾ پهريون ڀيرو ٽيرف سڌارن ذريعي ڪچي مال تي ڊيوٽيز گهٽ ڪئي پئي وڃي، ٽيرف ۾ گهٽتائي سان روانگي واپار ۽ صنعتي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. ناڻي واري وزير چيو ته موجوده معاشي سڌارا پاڪستان لاءِ ايسٽ ايشيا موومينٽ ثابت ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته قرضن جا بهتر انتظام  ڪرڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ قرضن جي ادائيگي ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير نجڪاري ۽ سرڪاري ادارن جي بهتري ۽ نئين سر جوڙجڪ جي عمل جو ذڪر ڪندي چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ مقامي سيڙپڪارن شرڪت ڪئي جيڪا حڪومت جي معاشي پاليسين تي نجي شعبي جي اعتماد جو ثبوت آهي، 24 سرڪاري ادارا نجڪاري ڪميشن جي حوالي ڪيا ويا آهن، سرڪاري ادارن ۾ هر سال اٽڪل هڪ هزار ارب روپين جو خسارو آهي. هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز، پاڪ پي ڊبليو ڊي ۽ پاسڪو کي بند ڪيو ويو آهي ادارن جي بندش جو مقصد سبسڊي ۾ موجوده بدعنواني جو خاتمو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومتي سڌارن جو مقصد ملڪي ناڻي تي بار گهٽ ڪرڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو ان سان ماليت جي ذريعن کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي، ايندڙ هفتن ۾ چين جي مارڪيٽ ۾ پاڪستان پنهنجو پهريون پانڊا بانڊ جاري ڪري رهيو آهي. هن  چيو ته سڌارن جي عمل تي ريٽنگ ايجنسين اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل 3.5 ارب ڊالرن جي وڏي سيڙپڪاري مڪمل ڪئي آهي. ريڪوڊڪ منصوبو پاڪستان لاءِ فائديمند آهي، ان منصوبي سان 2028ع جو روانگي واپار شروع ٿيندو ۽ پهرين سال 2.8 ارب ڊالرن جو روانگي واپار متوقع آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيلي نار جي ٽرانزڪيشنز ۾ 400 ملين ڊالرز عالمي مالياتي ڪارپوريشن ڏنا آهن، عالمي سيڙپڪار به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ او سي سي آءِ جي سروي سان ان جي عڪاسي به ٿي رهي آهي، ان سروي ۾ 73 سيڪڙو سيڙپڪارن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان پر اميدي جو اظهار ڪيو هو.