اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪساتن هڪ ايٽمي قوت هجڻ سان گڏوگڏ اڄ سڄي دنيا ۾ جي ايف -17 جهاز به وڪرو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٽريڪٽر سازي، آٽو موبائيل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ به نمايان ترقي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ لاءِ اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ …
پاڪستان عالمي چٽاڀيٽي ۾ اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، پر اڃان ڊگهو سفر باقي آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪساتن هڪ ايٽمي قوت هجڻ سان گڏوگڏ اڄ سڄي دنيا ۾ جي ايف -17 جهاز به وڪرو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٽريڪٽر سازي، آٽو موبائيل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ به نمايان ترقي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ لاءِ اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستان پاليسي ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته 1947ع کان 2025ع تائين پاڪستان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، ملڪ ۾ يونيورسٽين ۽ شاهراهن جو وسيع نيٽ ورڪ قائم ٿيو ۽ دفاعي ۽ صنعتي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيو، پر دنيا سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته اسان جون ڪاميابيون گهٽ ٿي وينديون آهن، ان لاءِ هاڻي اڳئين منزل کي ڏسڻو پوندو. احسن اقبال مثال ڏيندي چيو ته 1980ع ۾ چين جي في ڪس آمدني پاڪستان کان گهٽ هئي، اڄ هو اسان کي وڌيڪ اڳتي نڪري چڪو آهي. اهڙي طرح ويٽنام جو روانگي واپار 408 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان هاڻي اٽڪل 40 ارب ڊالرن جي ويجهو بيٺل آهي. هن ٻڌايو ته چين جي في ڪس آمدني ساڍا 14 هزار ڊالر جڏهن ته پاڪستان جي رڳو 16 سئو ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. هن چيو ته جاپان، ڪوريان، چين، ويٽنام، ترڪيه ۽ بنگلاديش جهڙن ملڪن امن، استحڪام ۽ پاليسي جي تسلسل کي ترجيح ڏني جڏهن ته پاڪستان ۾ عدم استحڪام ۽ بار بار حڪومتي تبديلين ترقي جي عمل کي متاثر ڪيو. سندس موجب امن ۽ پاليسي جي تسلسل کانسواءِ مستحڪم معاشي ترقي ممڪن ناهي. احسن اقبال واضح ڪيو ته حڪومت جو هدف پاڪستان کي دنيا جي ٽاپ 10 معيشتن ۾ شامل ڪرڻ آهي ۽ ان لاءِ چين پاڪستان اقتصادي راهداري رڳو رستن جو منصوبو ناهي پر پاڪستان جي تقدير بدلائڻ جو هڪ جامع پروگرام آهي. هن زور ڀريو ته سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري معاشي پاليسين ۾ تسلسل آڻڻو پوندو. وفاقي وزير نوجوانن کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو اثاثو قرار ڏيندي چيو ته کيس جديد ٽيڪنالاجي ۽ مهارتن سان ليس ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ جڳهه بڻائڻ لاءِ روانگي واپار تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته صرف داخلي طلب تي ڀاڙڻ سان وقتي طور تي 6 سيڪڙو جي ڊي پي اوسر ته حاصل ڪري سگهجي ٿي پر اهو ڊگهو حل ناهي. هن چيو ته ڊالر جي کوٽ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو وڏو سبب روانگي واپار ۾ گهربل اضافو نه ٿيڻ آهي. ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي 523 لسٽڊ ڪمپنين مان صرف 70 ڪمپنين جو روانگي واپار 10 هزار ڊالر کان وڌي ٿو جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. احسن اقبال چيو ته روانگي واپار کي قومي سلامتي ۽ خودمختياري جي هڪ اهم ٿنڀ طور هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ کجور پيدا ڪندڙ پنجون وڏو ملڪ آهي پر برانڊنگ ۽ پيڪيجنگ جي کوٽ سبب عالمي منڊين ۾ ان جو ڀرپور فائدو نه پيو کنيو وڃي. مقامي مارڪيٽ جي غير ضروري تحفظ به ڪمپنين کي عالمي هڪجهڙائي کان پري رکيو آهي. هن چيو ته روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ مارڪيٽ انٽيليجنس، برانڊنگ ۽ مصنوعات جي موثر پروموشن اڻٽر آهي ۽ ماضي جي غلطين مان سکي ئي هڪ مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکي سگهجي ٿو. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته حڪومت جو هدف پائيدار ترقي، روزگار جي موقعن ۾ اضافو ۽ معيشت کي عالمي معيار موجب بدلائڻ آهي. ان مقصد لاءِ پاليسي سڌارا، نجي شعبي سان حصيداري، عورتن ۽ نوجوانن جي شموليت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته درست رخ ۾ جامع قدمن ذريعي پاڪستان نه رڳو پنهنجي صنعتي ۽ دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو پر عالمي منڊين ۾ چٽاڀيٽي جي حيثيت به حاصل ڪندو.










