اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان اردن ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) خرم سرفراز خان نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزارت جو سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني به موجود هو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن سفارتي ۽ ثقافتي ناتن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان اردن ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) خرم سرفراز خان جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان اردن ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) خرم سرفراز خان نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزارت جو سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني به موجود هو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن سفارتي ۽ ثقافتي ناتن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير حق جي ويڙهه کانپوءِ پاڪستان کي عالمي سطح تي عزت ۽ وقار حاصل ٿيو آهي ۽ سڄي دنيا پاڪستان کي قدر جي نگاهه سان ڏسي رهي آهي. هن چيو ته ڪيترائي ملڪ پاڪستان سان ناتا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جا خواهشمند آهن. اسد رحمان گيلاني چيو ته اردن ويندڙ پاڪستانين جو انگ نسبتن گهٽ آهي ۽ ان حوالي سان اردن ۾ پاڪستاني شهرين لاءِ ويزا سهولتن ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. خرم سرفراز خان ٻُڌايو ته اردن ۾ پاڪستانين جو انگ گهٽ هئڻ جا مختلف ڪارڻ آهن جڏهن ته اردن ۾ انبياءِ ڪرام ۽ صحابه ڪرام جون مزارون موجود آهن جن جي زيارت لاءِ وڏي انگ ۾ پاڪستاني وڃڻ چاهين ٿا. ملاقات ۾ ثقافتي سهڪار کي ٻه طرفن ناتن کي هٿي وٺرائڻ جو اثرائتو قرار ڏنو ويو. سفير چيو ته ورثو ۽ ثقافت قومن وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتا پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان موجود آهن جنهن کي ثقافتي سطح تي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ مختلف ملڪن جا ثقافتي هفتا ملهايا پيا وڃن ۽ اهڙيءَ طرح اردن جي ثقافت جو هفتو به پاڪستان ۾ منعقد ڪري سگهجي ٿو. سفير پاڪستاني دستڪاري جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان جي دستڪاري خاص ڪري چنيوٽ جي ڪاٺ تي ڪيل نفيس ڪاريگري سڄي دنيا ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. سفير پاڪستاني نوجوانن جي ٽيلنٽ کي ساراهيندي چيو ته نئين نسل ۾ ڪاروبار جي حوالي سان جديد ۽ تخليقي خيال موجود آهن. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي اسد رحمان گيلاني تجويز ڏني ته پاڪستان ۽ اردن جي سهڪار سان اردن ۾ فرنيچر ايڪسپو جو بندوبست ڪري سگهجي ٿو جتي پاڪستاني ڪاٺ تي گلڪاري ۽ دستڪاري کي عالمي سطح تي متعارف ڪرايو ويندو.











