ڪوئيٽه-14 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي مير سرفراز بگٽي قلات ضلعي ۾ دهشتگرد ڌُرين خلاف ڪامياب ڪارروائيءَ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فورسز پيشيوراڻي مهارت، جرئت ۽ قومي جذبي سان دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻايو آهي. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير چيو ته تازي آپريشن دوران دهشتگردن جو انجام تائين پهچائڻ ان ڳالهه …
بلوچستان جي وڏي وزير پاران قلات ۾ دهشتگرد ڌُرين خلاف ڪامياب ڪارروائيءَ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين

مزید خبریں
ڪوئيٽه-14 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي مير سرفراز بگٽي قلات ضلعي ۾ دهشتگرد ڌُرين خلاف ڪامياب ڪارروائيءَ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فورسز پيشيوراڻي مهارت، جرئت ۽ قومي جذبي سان دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻايو آهي. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير چيو ته تازي آپريشن دوران دهشتگردن جو انجام تائين پهچائڻ ان ڳالهه جو چِٽو ثبوت اهي ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف فيصلائتي جنگ کٽڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته امن دشمن ڌُرين خلاف جاري ڪارروايون عزمِ استحڪام جي قومي ويزن جي عملي تعبير آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿي رهي آهي. وڏي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ مان دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪومت، سيڪيورٽي ادارا ۽ عوام هڪ پيج تي آهن. هن چيو ته پوري قومي دهشتگرديءَ خلاف ان جدوجهد ۾ پنهنجي فوج سان گڏ آهي ۽ دشمن کي هر محاذ تي شڪست ڏني ويندي. وڏي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به شڪل ۾ دهشتگردي، تخريبڪاري يا بدامني جي ڪا گنجائش ناهي ۽ رياست امن، استحڪام ۽ عوام جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو.











