اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻه طرفن ناتن کي مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقتصادي شعبن خاص ڪري لائيو اسٽاڪ ۽ مائننگ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش موجود آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان معدني وسيلن سان مالامال آهي، سڄي دنيا جا سيڙپڪار اسان جي معدني وسيلن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن. اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ قائم پاڪ- آسٽريليا پارلياماني فرينڊشپ گروپ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن وچ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان قوم ثابت قدم ۽ مهمان نواز قوم آهي. آسٽريليا جا سيڙپڪار مائيننگ جي شعبي ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته آسٽريليا پاڪستان سان پنهنجن پُراڻن خوشگوار ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو وڏو انگ آسٽريليا جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي جمهوري نظام ۽ پارلياماني ادارن جي ڪردار به کي ساراهيو.











