اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) دنيا جي ننڍي عمر واري مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ ارفع ڪريم رنڌاوا جي ورسي 14 جنوري اربع ڏينهن ملهائي وئي. ارفع ڪريم 2 فيبروري 1995ع تي ليفٽيننٽ ڪرنل (ر) امجد ڪريم رنڌاوا جي گهر فيصل آباد جي ڳوٺ رام ديوالي ۾ پيدا ٿي جيڪا هڪ غير معمولي ذهين ٻارڙي هئي. هوءَ 2004ع ۾ رڳو 9 سالن جي عمر ۾ مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل (ايم سي پي) …
دنيا جي ننڍي عمر واري مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ ارفع ڪريم رنڌاوا جي ورسي ملهائي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) دنيا جي ننڍي عمر واري مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ ارفع ڪريم رنڌاوا جي ورسي 14 جنوري اربع ڏينهن ملهائي وئي. ارفع ڪريم 2 فيبروري 1995ع تي ليفٽيننٽ ڪرنل (ر) امجد ڪريم رنڌاوا جي گهر فيصل آباد جي ڳوٺ رام ديوالي ۾ پيدا ٿي جيڪا هڪ غير معمولي ذهين ٻارڙي هئي. هوءَ 2004ع ۾ رڳو 9 سالن جي عمر ۾ مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل (ايم سي پي) بڻجي وئي جڏهن ته 10 سالن جي عمر ۾ پائليٽ جو لائسنس حاصل ڪيو. ان بنياد تي ارفع ڪريم جو نالو گنيز ورلڊ رڪارڊز ۾ داخل ڪيو ويو ۽ اهو اعزاز 2008ع تائين ارفع ڪريم وٽ رهيو. هن مختلف عالمي فورمن ۽ ٽيڪ ايڊ ڊولپرز ڪانفرنسز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. 2005ع ۾ حڪومت ارفع ڪريم کي بهترين ڪارڪردگي تي صدارتي تمغي سان نوازيو ويو جڏهن ته کيس فاطمه جناح سون جو تمغو ۽ سلام پاڪستان يوٿ ايوارڊ سميت ڪيترن ئي قومي ۽ عالمي اعزازن سان به نوازيو ويو. ارفع ڪريم رنڌاوا جي نالي تي لاهور ۾ هڪ سائنس پارڪ ارفع ڪريم سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ به بڻايو ويو آهي. مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس ارفع ڪريم کي آمريڪا گهرايو ۽ پاڻ ساڻس ملاقات ڪئي. ارفع ڪريم رنڌاوا 14 جنوري 2012ع تي 16 سالن جي عمر ۾ دل جي مرض سبب لاڏاڻو ڪري وئي. سندس ورسي جي موقعي تي سندس اباڻي ڳوٺ ارفع ڪريم نگر سميت سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تعزيتي تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ سندس خدمتن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقدت پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جو به بندوبست ڪيو ويو.











