تعليمي سفارتڪاري عالمي رابطن جو هڪ پائيدار ۽ موثر ذريعو آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جو يونيورسٽي آف لنڊن جي وفد ۽ اڳوڻي شاگردن جي اعزاز ۾ منعقد آجياڻي کي خطاب

اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني تعليمي سفارتڪاري کي عالمي رابطن جو هڪ پائيدار ۽ موثر ذريعو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي تعليمي شعبي ۾ موجود مسئلن جي حل ۽ نوجوانن کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ پائيدار تعليمي حصيداري لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽي آف لنڊن جي وفد ۽ ان جي …

اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني تعليمي سفارتڪاري کي عالمي رابطن جو هڪ پائيدار ۽ موثر ذريعو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي تعليمي شعبي ۾ موجود مسئلن جي حل ۽ نوجوانن کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ پائيدار تعليمي حصيداري لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽي آف لنڊن جي وفد ۽ ان جي اڳوڻي شاگردن جي اعزاز ۾ منعقد آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. وقتي صدر چيو ته وفد جي موجودگي پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ علم، امنگ ۽ حصيداري جي هڪ مضبوط پُل جي علامت آهي. هن يونيورسٽي آف لنڊن جي عالمي مقام ۽ اٽڪل ٻن صدين تي ٻڌل مختلف شعبن ۾ انساني ترقي جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وقتي صدر چيو ته پاڪستان جون ڪيتريون ئي ناليواريون شخصيتون يونيورسٽي آف لنڊن مان پڙهي نڪتيون آهن جن عوامي خدمت، قانون، طب، تدريس، واپار ۽ سفارتڪاري جهڙن شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اهو گڏيل تعليمي ورثو ٻطرفي تعليمي تعاون جو بنياد فراهم ڪري ٿو ۽ لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ هڪ مضبوط اساس آهي. هن چيو ته يونيورسٽي جي عالمي پروگرامن ۽ مڃيل تدريسي مرڪزن هزارين پاڪستاني شاگردن کي ملڪ ڇڏڻ کانسواءِ عالمي معيار جي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو، ان سان تعليم کي عام ڪرڻ ۾ مدد ملي ۽ پاڪستاني نوجوان پنهنجي ملڪ ۾ رهندي عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻيا. وقتي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ هن وقت تعليمي ترقي جي هڪ اهم موڙ تي بيٺل آهي، عوام ۽ استادن جي ڪوششن جي باوجود تعليمي شعبو اڃا به ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي جن ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو وڏو انگ، صنفي فرق ۽ علائقائي اڻبرابري شامل آهن جيڪي خاص طور تي ڇوڪرين ۽ ڳوٺاڻي علائقن کي متاثر ڪن ٿا. هن ياد ڏياريو ته انهن ئي چئلينجز جي ڏس ۾ حڪومت 2024ع ۾ قومي تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو هو ته جيئن وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٺوس ڪوششن جي ذريعي تعليم تائين برابر پهچ ۽ تعليمي معيار ۾ بهتري آڻي سگهجي. هن قومي تعليمي پاليسي ڊيولپمينٽ فريم ورڪ 2024ع کي سڌارن جي لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ قرار ڏيندي بينظير تعليمي وظيفن جهڙن قدمن جو حوالو ڏنو جيڪي ٻارن کي اسڪول ۾ داخلا ۽ حاضري جي حوصلا افزائي جي لاءِ مشروط مالي معاونت فراهم ڪن ٿا. هن 2022ع جي ٻوڏ سميت موسمياتي آفتن جي تعليمي انفراسٽرڪچر تي اثرن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ ريزيلينٽ تعليمي نظام جي ضرورت تي زور ڏنو. وقتي صدر چيو ته بطور وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سميت پنهنجي مختلف آئيني عهدن دوران تعليم سدائين سندس ترجيحن ۾ شامل رهي. هن يونيورسٽي آف سوات جهڙن نئين ادارن جي قيام کي ان يقين جو عملي مثال قرار ڏنو ته تعليم ئي تڪرارن، انتهاپسندي ۽ غربت جو سڀ کان موثر جواب آهي. هن چيو ته 2024ع کان سينيٽ جي چيئرمين ۽ هن وقت وقتي صدر جي حيثيت سان هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪو خرچ نه آهي پر قومي ترقي جو بنياد آهي. هن چيو ته سينيٽ سدائين پنهنجي قانونسازي ۽ نگراني جي ڪردار جي ذريعي تعليم جي لاءِ مسلسل فنڊنگ ۽ سڌارن جي حمايت ڪئي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اڄ جي دور ۾ جڏهن دنيا تيز رفتار ٽيڪنيڪي تبديلي، موسمياتي چئلينجز ۽ مصنوعي ذهانت جي عروج مان گذري رهي آهي، تعليم قومي سرحدن کان مٿانهون ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪستان پاران اي آءِ پاليسي 2025ع ۽ ڊيجيٽل سيڪٽر روڊ ميپ 2035 – 2025ع جي منظوري ان عزم جو اظهار آهي ته نوجوانن کي ڊيجيٽل معيشت جي لاءِ تيار ڪيو وڃي جڏهن ته آءِ ٽي روانگي واپار 3.8 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي جيڪو اٽڪل 20 سيڪڙو ساليانو جي  شرح سان وڌي رهيو آهي. هن چيو ته رڳو ٽيڪنالاجي ڪافي نه آهي پر يونيورسٽي آف لنڊن جهڙن ادارن سان مضبوط رابطن جي ضرورت آهي ته جيئن صلاحيت ۾ اضافي، تدريسي معيار جي بهتري ۽ بهترين ڪارڪردگي جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي. وقتي صدر اميد ظاهر ڪئي ته وفد جو هي دورو خاص طور تي شاگردن جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندو جن کي هن ملڪ جو مستقبل قرار ڏنو. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان سان يونيورسٽي آف لنڊن جي پراڻي لاڳاپن ۽ ان جي قانون جي پروگرامن ۾ پاڪستان بابت ماڊيولز متعارف ڪرائڻ کي ساراهيو. هن چيو ته بطور اڳوڻي شاگرد يونيورسٽي ۾ حاصل ڪيل تعليم سندس پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ عوامي خدمت کي مضبوط بڻايو. پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ يونيورسٽي آف لنڊن جي پرووائيس چانسلر پروفيسر فل آل مينڊنگر چيو ته پاڪستان سان تعاون کي ادارو مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ هڪ دورانديش حڪمت عملي جو حصو سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ يونيورسٽي جو مضبوط اڳوڻي شاگردن جو نيٽ ورڪ موجود آهي ۽ 25 ايلومنائي ايمبيسيڊر پبلڪ پاليسي ۽ گورننس ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته يونيورسٽي آف لنڊن جو وفد هن سال لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچي جو دورو ڪندو ته جيئن هو موجوده ۽ اڳوڻي شاگردن سان ملاقاتون ڪري ۽ حڪومتي نمائندن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري. هن پاڪستان جي لاءِ خصوصي اسڪالرشپ پروگرام جو پڻ اعلان ڪيو جنهن ۾ ٽي مڪمل وقتي وظيفا شامل آهن جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 40 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد هن سال يونيورسٽي آف لنڊن جي اسڪالرشپس مان فائدو کڻندا. پاڪستان ۾ برٽش ڪائونسل جي سربراهه جيمز هيمپسن چيو ته تعليم پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جو هڪ اهم ٿنڀ آهي، هن يونيورسٽي آف لنڊن کي برطانيا جو سڀ کان وڏو فاصلاتي تعليم جو ادارو قرار ڏيندي چيو ته برطانيا مان تعليم حاصل ڪندڙ هزارين پاڪستاني اڄ ملڪ ۾ اهم عهدن تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن سان عوامي سطح تي رابطا مضبوط ٿي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس عائشه اي ملڪ چيو ته اڳوڻي شاگردن جي معزز ڪميونٽي جي ميمبرشپ سان گڏ ذميواريون پڻ واڳيل هونديون آهن. هن تعليم تائين پهچ کي بنيادي حق قرار ڏيندي چيو ته اعليٰ ادارن مان فارغ ٿيندڙ ماڻهن کي اداراسازي ۾ ڪردار ادا ڪري معيار کي برقرار رکڻ گهرجي خاص طور تي انهن ماڻهن جي لاءِ جن کي اهڙا موقعا ميسر نه آهن.