اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان اطالوي سفير مارلينا آرملين ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ 75 …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان اٽلي جي سفير جي ملاقات، مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان اطالوي سفير مارلينا آرملين ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ 75 سالن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل سفارتي لاڳاپا قائم آهن جيڪي پراڻي دوستي ۽ اهم عالمي فورمز تي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن. هن گهڻ رخي پليٽ فارمز تي اٽلي جي حمايت کي ساراهيو ۽ اطالوي حڪومت جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته اٽلي جي حڪومت 3 لک کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ميزباني ڪري رهي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۾ مختلف اطالوي ڪمپنين جي موجودگي خاص طور تي دواسازي، تيل ۽ گئس ۽ ريلوي جي شعبن جو ذڪر ڪيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن اٽلي ويندڙ پاڪستاني شهرين جي لاءِ ويزا جي عمل کي تيز تر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ ليبر مائيگريشن پروگرام تحت هنرمند ڪارڪنن جي ڪوٽا ۾ اضافي جي خواهش ظاهر ڪئي جنهن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تڪميل هيٺ آهي. اطالوي سفير چيو ته اٽلي پاڪستان سان پنهنجي پراڻي دوستي کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اهو ته پاڪستان انهن شروعاتي ملڪن ۾ شامل هو جن سان اٽلي سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. هن چيو ته 2025ع ۾ اٽلي 15000 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگردن کي ويزا جاري ڪيا جن کي اطالوي يونيورسٽين ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلا ملي. اٽلي ۾ هنرمند افرادي قوت جي کوٽ خاص طور تي سائنسي شعبن، آءِ ٽي ۽ صحت جي شعبي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اطالوي ادارا پاڪستاني يونيورسٽين پاران اطالوي زبان جا ڪورسز شروع ڪرڻ جي قدمن جي آجيان ڪن ٿا ته جيئن روزگار جا موقعا بهتر بڻائي سگهجن. ملاقات ۾ تعليم، مائيگريشن، واپار ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.










