نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الوزارتي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بين الوزارتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي جي موجوده قيمتن جي ڍانچي جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي قابل اطلاق پيٽروليم پاليسي تحت قيمتن جي تعين جي فريم ورڪ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ميمبرن موجوده طريقيڪار …

اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بين الوزارتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي جي موجوده قيمتن جي ڍانچي جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي قابل اطلاق پيٽروليم پاليسي تحت قيمتن جي تعين جي فريم ورڪ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ميمبرن موجوده طريقيڪار جو جائزو ورتو ۽ اهڙن سڌاراجاتي آپشنز تي غور ڪيو جن جو مقصد توانائي کي وڌيڪ سستو، پائيدار ۽ شعبي جي مجموعي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي توانائي منڊين ۾ شفافيت ۽ موثريت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن، بجلي ۽ پيٽروليم وارن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاونين طارق باجوه ۽ بلال اظهر ڪياني کانسواءِ نجڪاري واري صلاحڪار، نيشنل ڪوآرڊينيٽر ايس آءِ ايف سي، پاور سيڪٽر ٽاسڪ فورس جي سربراهه ۽ ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي.