صدر آصف علي زرداري بحرين جي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي منامه پهچي ويو

منامه - 13 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بحرين جي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي منامه پهچي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ بحرين جي پرڏيهي وزير شيخ ڊاڪٽر عبداللطيف بن رشيد الزياني صدر جو استقبال ڪيو. پاڪستان ۾ بحرين جو سفير محمد ابراهيم عبدالقادر ۽ بحرين ۾ پاڪستان جو سفير …

منامه – 13 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بحرين جي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي منامه پهچي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ بحرين جي پرڏيهي وزير شيخ ڊاڪٽر عبداللطيف بن رشيد الزياني صدر جو استقبال ڪيو. پاڪستان ۾ بحرين جو سفير محمد ابراهيم عبدالقادر ۽ بحرين ۾ پاڪستان جو سفير ثاقب رئوف پڻ ان موقعي تي موجود هئا. پنهنجي دوري دوران صدر آصف علي زرداري جي بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد الخليفه سان ملاقات متوقع آهي. صدر آصف علي زرداري منامه ۾ ٿيندڙ اڪنامڪ ڊيولپمينٽ بورڊ جي صدر آفيس ۾ منعقد آجياڻي کي خطاب پڻ ڪندو.