بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جو مراڪش جو سرڪاري دؤرو، دفاعي سهڪار جي حوالي سان مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيح

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف مراڪش جو سرڪاري دؤرو ڪيو. دؤري دوران پاڪستان ۽ مراڪش وچ ۾ دفاعي سهڪار جي حوالي سان مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيح ڪئي وئي، جيڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. دفاع واري وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب وفاقي وزير گڏيل دلچسپي …

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف مراڪش جو سرڪاري دؤرو ڪيو. دؤري دوران پاڪستان ۽ مراڪش وچ ۾ دفاعي سهڪار جي حوالي سان مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيح ڪئي وئي، جيڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. دفاع واري وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب وفاقي وزير گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان وفدن جي سطح تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. هن مراڪش جي هم منصب سان ملاقات به ڪئي ۽ ملاقات جي پڄاڻيءَ تي تحفن جي مٽاسٽا ڪئي. وفاقي وزير مراڪش جي دفاع واري وزير کي پاڪستان طرفان تيار ڪيل فٽبال پڻ پيش ڪيو. ملاقات کان اڳ بچاءَ واري وفاقي وزير، محمد پنجم جي مزار تي حاضري ڀري، جتي هن فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار جي مهمانن جي ڪتاب تي پنهنجي صحيح به ڪئي. ڌُرين کي امن، استحڪام ۽ سهڪار لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪرڻ سميت ٻه طرفي علائقائي مسئلن تي خيالن جي مٽاسٽا جو موقعو فراهم ڪيو. هي دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻي دوستي جي ناتن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ دفاع، سلامتي ۽ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي گڏيل خواهش کي به اجاگر ڪري ٿو.