جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان (سنڌ هاءِ ڪورٽ) جو اجلاس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪانفرنس روم ۾ منعقد

ڪراچي-13 جنوري (اي پي پي) جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان (سنڌ هاءِ ڪورٽ) جو اجلاس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪانفرنس روم ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي ججز طور توثيق، آئيني بينچن جي ٻيهر جوڙجڪ ۽ انهن جي مدي ۾ واڌ بابت سفارشن تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت چيف جسٽس آف پاڪستان بطور چيئرمين ڪئي. ايس آءِ ڊي پاران جاري ڪيل پريس …

ڪراچي-13 جنوري (اي پي پي) جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان (سنڌ هاءِ ڪورٽ) جو اجلاس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪانفرنس روم ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي ججز طور توثيق، آئيني بينچن جي ٻيهر جوڙجڪ ۽ انهن جي مدي ۾ واڌ بابت سفارشن تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت چيف جسٽس آف پاڪستان بطور چيئرمين ڪئي. ايس آءِ ڊي پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب سنڌ جي گهرو معاملن ۽ قانون وارو وزير ضياءُ الحسن لنجار پڻ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪميشن پنهنجي مجموعي رڪنيت جي اڪثريت سان، لاڳاپيل ڊيٽا فارم، ماضيءَ جي رڪارڊ ۽ پيش ڪيل مواد جو جائزو وٺڻ بعد، جن ايڊيشنل ججن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن طور توثيق ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، انهن ۾ جسٽس ميران محمد شاهه، جسٽس تسنيم سلطانه، جسٽس رياضت علي سحر، جسٽس محمد حسن (اڪبر)، جسٽس جان علي جوڻيجو، جسٽس نثار احمد ڀنڀرو، جسٽس علي حيدر، جسٽس محمد عثمان علي هادي ۽ جسٽس محمد جعفر رضا شامل آهن. اهڙي ريت جسٽس خالد حسين شاهاڻي ۽ جسٽس سيد فياض الحسن شاهه، ايڊيشنل ججز سنڌ هاءِڪورٽ جي مدي ۾ ڇهن مهينن جي واڌ ڪئي وئي. ان کان علاوه ڪميشن پنهنجي مجموعي رڪنيت جي اڪثريت سان آئيني بينچن لاءِ چئن ججن کي نامزد ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جڏهن ته آئيني بينچن جي مدت ۾ به ڇهن مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي. انهن ججن ۾ جسٽس امجد علي ٻوهيو، جسٽس محمد حسن (اڪبر)، جسٽس علي حيدر ۽ جسٽس محمد عثمان علي هادي شامل آهن.