قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي سينيٽ جي چيئرمين سان ملاقات، قانونسازي، پارلياماني معاملن جي اثرائتي ڪردار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي ٻين اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه به موجود هو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو سندن چيمبر پهچڻ تي آڌرڀاءُ ڪيو. ملاقات دوران قانونسازي، پارلياماني معاملن جي اثرائتي ڪردار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي ٻين اهم …

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه به موجود هو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو سندن چيمبر پهچڻ تي آڌرڀاءُ ڪيو. ملاقات دوران قانونسازي، پارلياماني معاملن جي اثرائتي ڪردار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي ٻين اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پارلياماني روايتن کي هٿي وٺرائڻ، جمهوري قدرن جي استحڪام ۽ قومي مفاد ۾ قانونسازيءَ جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽ چيئرمين، اسپيڪر کي حڪومت ۽ مخالف ڌُر وچ ۾ ڳالهين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هاڪاري ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن اسپيڪر طرفان سمورين سياسي پارٽين جي ميمبرن لاءِ هڪ جهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ کي ساراهيو ۽ ايوان جي ڪارروائي کي سهڻي، شفافيت ۽ غير جانبداراڻي انداز ۾ هلائڻ تي سندس ڪردار جي تعريف ڪئي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سينيٽ چيئرمين جي شفاف ۽ غير جانبدار ڪردار کي ساراهيو. اسپيڪر ان موقعي تي ملڪ جي آئين ۽ قانونساز ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ پارلياماني هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.