اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اسلام آباد جي علائقي جي سيون ٽو ۾ گيس ليڪيج ڌماڪي سبب فوت ٿيلن جي وارثن سان سندن گهر پهچي ملاقات ڪئي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي انتهائي افسوسناڪ سانحو آهي جنهن ۾ 8 ماڻهو فوت ۽ 12 زخمي ٿيا آهن، جن مان 4 علاج …
پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير پاران جي سيون ٽو ۾ گيس ليڪيج ڌماڪي سبب فوت ٿيلن جي وارثن سان ملاقات، سانحي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اسلام آباد جي علائقي جي سيون ٽو ۾ گيس ليڪيج ڌماڪي سبب فوت ٿيلن جي وارثن سان سندن گهر پهچي ملاقات ڪئي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي انتهائي افسوسناڪ سانحو آهي جنهن ۾ 8 ماڻهو فوت ۽ 12 زخمي ٿيا آهن، جن مان 4 علاج هيٺ آهن، جڏهن ته 8 ماڻهن کي علاج کانپوءِ اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جاچ کان پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي ته حادثو شادي واري گهر گيس ليڪيج سبب پيش آيو. هن چيو ته فوت ٿيل ماڻهن جي پونئيرن جي ڏُک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن چيو ته ڌماڪي سبب فوت ٿيلن جي وارثن کي حڪومت طرفان امداد ڏني ويندي ۽ جيڪو نقصان ٿيو ان جو هر ممڪن ازالو ڪيو ويندو ۽ گهرن جي مرمت ۾ به سهڪار ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گيس ليڪيج انساني غفلت ته ٿي سگهي پر ان کي مجرماڻي غفلت نٿو چئي سگهجي.











