قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان ڪي پي ڪي جي صوبائي محتسب جي ملاقات

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ڪي پي ڪي جي صوبائي محتسب رباب مهدي گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن اسپيڪر کي محتسب جي ڪارڪردگي ۽ خاص ڪري عورتن جي وراثتي حقن جي تحفظ ۽ ضم ٿيل ضلعن ۾ عورتن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب رباب …

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ڪي پي ڪي جي صوبائي محتسب رباب مهدي گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن اسپيڪر کي محتسب جي ڪارڪردگي ۽ خاص ڪري عورتن جي وراثتي حقن جي تحفظ ۽ ضم ٿيل ضلعن ۾ عورتن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب رباب مهدي اسپيڪر کي شڪايتن جي ازالي جي نظام ۽ وراثت بابت تڪرارن جي وقت سر حل ذريعي عورتن کي فراهم ڪيل سهولتن کان آگاهه ڪيو. اسپيڪر عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ سندن وقت سر انصاف جي فراهمي ۾ ڪي پي ڪي جي محتسب جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو. هن عورتن جي وراثت ۾ حق جي تحفظ ۽ اداره جاتي معاونت کي هٿي وٺرائڻ ۾ محتسب جي ڪردار کي نهايت اهم قرار ڏنو. رباب مهدي عورتن کي با اختيار بنائڻ ۽ پارلياماني سڌارن لاءِ اسپيڪر جي قدمن کي تحسين جوڳو قرار ڏنو. هن ڪي پي ڪي جي محتسب جي آفيس ۽ وومين پارلياماني ڪاڪس وچ ۾ ويجهن رابطن کي عورتن بابت قانونسازي، پاليسي نگراني ۽ اثرائتي عملدرآمد لاءِ اڻٽر قرار ڏنو. اسپيڪر پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز طرفان جائداد ۽ وراثتي حقن جي مؤثر قدمن کي لاڳو ڪرڻ کي ساراهيو. هن پنجاب حڪومت طرفان قانوني سڌارن، لينڊ رڪارڊ جي نظام ۾ بهتري ۽ جائداد بابت تڪرارن جي وقت سر حل جي قدمن کي عورتن جي جائز وراثتي حقن جي تحفظ، شفافيت، انصاف ۽ قانون جي بالادستي کي هٿي وٺرائڻ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو.