اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل ۽ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق به موجود هو. ملاقات ۾ صوبي ۾ امن ۽ امان ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل ۽ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق به موجود هو. ملاقات ۾ صوبي ۾ امن ۽ امان ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر بلوچستان ۾ عورتن ۽ نوجوانن جي حقن جي تحفظ ۽ سماجي ترقي تي خاص زور ڀريو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته بلوچستان ۾ انفراسٽرڪچر، تعليم ۽ صحت جي منصوبن جو فوري ۽ اثرائتو نظام لاڳو ڪرڻ وفاقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. سردار اياز صادق چيو ته پارليامينٽ ۽ وفاقي حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان بلوچستان جي جٽادار ترقيءَ کي يقيني بڻايو ويندو، بلوچستان جي ترقي، پاڪستان جي مجموعي ترقيءَ جي ضمانت آهي. گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي صوبي ۾ امن امان جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو. اسپيڪر چيو ته بلوچستان سندس دل جي ويجهو آهي، بلوچستان جي مسئلن جو حل موجوده حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسپيڪر جي ڪوششن کي ساراهيو. اسحاق ڊار بلوچستان جي عوام جي ڀلائيءَ کي قومي ترجيح قرار ڏنو. ملاقات ۾ وفاق ۽ بلوچستان وچ ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.











