اسلام آباد - 13 جنوري (اي پي پي) بحرين ۾ پاڪستان جي سفير ثاقب رئوف چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جو بحرين جو دورو هڪ اهم قدم آهي جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. هڪ وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ان کان اڳ 2011ع ۾ پنهنجي صدارت دوران بحرين جو دورو ڪري چڪو آهي …
صدر آصف علي زرداري جو بحرين جو دورو هڪ اهم قدم آهي جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي: ثاقب رئوف

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) بحرين ۾ پاڪستان جي سفير ثاقب رئوف چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جو بحرين جو دورو هڪ اهم قدم آهي جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. هڪ وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ان کان اڳ 2011ع ۾ پنهنجي صدارت دوران بحرين جو دورو ڪري چڪو آهي ۽ هي سندس ٻيو دورو هوندو. صدر آصف علي زرداري اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 13 کان 16 جنوري تائين بحرين جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. سفير ثاقب رئوف چيو ته پنهنجي پهرين دوري دوران صدر بحرين جي قيادت سان ويجها ذاتي لاڳاپا قائم ڪيا هئا. هن چيو ته صدر جي دوري جي نتيجي ۾ مختلف شعبن ۾ بحرين سان پاڪستان جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.











