مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص معاون فهد هارون جي سعودي سفير سان ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص معاون فهد هارون سعودي عرب جي پاڪستان ۾ مقرر سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڌرين، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. انهن، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ ٿيل …

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص معاون فهد هارون سعودي عرب جي پاڪستان ۾ مقرر سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڌرين، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. انهن، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ تبديل ٿيندڙ ميڊيا رجحان شامل هئا. ملاقات دوران ڊجيٽل ميڊيا ۽ سڌ سماءَ جي شعبي ۾ مسلسل رابطن ۽ سهڪار جي گڏيل عزم جو اظهار به ڪيو ويو.