اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ ۽ پوٺوهار خطي، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ صبح جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ ۽ پوٺوهار خطي، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ صبح جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد ٿڌ رهي. پوٺوهار خطي ۽ ڪشمير ۾ صبح جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پيو. پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 12، اسڪردو ۾ ڪاٽو 10، گوپس ۾ ڪاٽو 09، استور ۾ ڪاٽو 08، گلگت ۾ ڪاٽو 07، بگروٽ، هنزه ۾ ڪاٽو 06 ۽ قلات ۾ ڪاٽو 05 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











