وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران گورنمينٽ گريجوئيٽ ڪاليج اصغر مال راولپنڊي کي قومي ورثو قرار ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد/راولپنڊي-13 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي گورنمينٽ گريجوئيٽ ڪاليج اصغر مال راولپنڊي کي قومي ورثو قرار ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جلد ان تاريخي تعليمي اداري ۾ هڪ باضابطه تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ ان کي قومي ورثي جو درجو ڏنو ويندو. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ڪاليج ۾ رٿيل تقريب کي …

اسلام آباد/راولپنڊي-13 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي گورنمينٽ گريجوئيٽ ڪاليج اصغر مال راولپنڊي کي قومي ورثو قرار ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جلد ان تاريخي تعليمي اداري ۾ هڪ باضابطه تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ ان کي قومي ورثي جو درجو ڏنو ويندو. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ڪاليج ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته گورنمينٽ گريجوئيٽ ڪاليج اصغر مال هڪ تعليمي عمارت ناهي پر علم، شعور، ڪردار ۽ قومي تاريخ رکندڙ آهي. هن شاگردن کي قوم جي مستقبل ۽ ملڪ جا روشن ستارا قرار ڏيندي چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح پاڪستان جي قيام وقت شاگردن کي تعليم تي زور ڏيندي تلقين ڪئي هئي ته اڄ به اهوئي پيغام ڏنو پيو وڃي ته نوجوان علم ۽ ڪردار کي پنهنجو مقصد بڻائين. وفاقي وزير چيو ته شاگردن کي گهرجي ته جڏهن به کين پرڏيهه وڃڻ جو موقعو ملي ته هو پاڪستان جا هاڪاري سفير بڻجي وڃن. هن چيو ته پاڪستان جي فوج جي جرئتمنداڻي قربانين ۽ حق جي ويڙهه کانپوءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ واڌ ٿي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ماڻهو پاڪستان کي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته ڪاليج وزارت جي ماتحت مختلف ادارن ۽ پليٽ فارمز کي بنا معاوضي استعمال ڪري سگهي ٿو ته جيئن تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي ڏئي سگهجي. وفاقي وزير استادن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته هو قوم جا معمار تيار ڪري رهيا آهن جڏهن ته انتظاميه اداري جي عظمت ۽ روايتن کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر تنوير احمد خان کچي چيو ته ڪاليج ۾ آرڪيالوجي جون ڪلاسز شروع ڪيون ويون آهن جيڪي ڪنهن به ڪاليج ۾ هڪ منفرد ۽ پهريون قدم آهن. هن چيو ته ان حوالي سان ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالوجي اينڊ ميوزم جي معاونت گهربل هوندي، جنهن تي وفاقي وزير مڪمل سهڪار ۽ـ ڀرپور مدد جي خاطري ڪرائي. DG DOAM امان الله خان به ان ايونٽ ۾ وفاقي وزير سان گڏ هو.

مزید خبریں