اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، بنون جي علائقي ۾ امن ڪميٽي جي ميمبرن تي خوارجين جي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير، امن ڪميٽي جي 4 ميمبرن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير محسن نقوي، شهيدن جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته خيبر پختونخوا ۾ امن جي …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران بنون ۾ امن ڪميٽي جي ميمبرن تي خوارجين جي فائرنگ جي واقعي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، بنون جي علائقي ۾ امن ڪميٽي جي ميمبرن تي خوارجين جي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير، امن ڪميٽي جي 4 ميمبرن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير محسن نقوي، شهيدن جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته خيبر پختونخوا ۾ امن جي قيام جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين. خوارجين جون بزدلاڻيون ڪارروائيون دهشتگردي خلاف قوم جي پختي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته قوم خوارجين جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ متحدآهي.











