سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 900 رپين جي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 900 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 81 هزار 862 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 900 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 81 هزار 8 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 771 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 12 هزار 347 رپين مان وڌي 4 لک 13 هزار 118 رپيا ٿي ويو. جڏهن …

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 900 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 81 هزار 862 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 900 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 81 هزار 8 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 771 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 12 هزار 347 رپين مان وڌي 4 لک 13 هزار 118 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 77 هزار 998 رپين مان وڌي 3 لک 78 هزار 705 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 180 رپين جي واڌ کانپوءِ 9075 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 154 رپين جي واڌ کانپوءِ 7780 رپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4586 ڊالر مان وڌي 4595 ڊالر ٿي وئي.

مزید خبریں