رياض -13 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سعودي عرب جي صنعتن ۽ معدني وسيلن واري وزير بندر ابراهيم الخريف سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، گڏيل سيڙپڪاري جا موقعا ڳولهڻ ۽ معدني ويليو چين جي مختلف مرحلن ۾ شراڪتداري وارو عمل وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان پاران جاري بيان …
پيٽروليم بابت وفاقي وزير جي سعودي عرب جي صنعتن ۽ معدني وسيلن واري وزير سان ملاقات

مزید خبریں
رياض -13 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سعودي عرب جي صنعتن ۽ معدني وسيلن واري وزير بندر ابراهيم الخريف سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، گڏيل سيڙپڪاري جا موقعا ڳولهڻ ۽ معدني ويليو چين جي مختلف مرحلن ۾ شراڪتداري وارو عمل وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض م سعودي عرب جي صنعت ۽ معدني وسيلن واري وزير جي انتظام ۾ فيوچر منرلز فورم 2026ع جي موقعي تي منعقد ملاقات ۾ سعودي وزير فورم ۾ پاڪستان جي شرڪت جي تعريف ڪندي چيوته عالمي ڌيان تيزي سان کاڻين ۽ اهم معدنيات ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. هن معدني شعبي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سهڪار جي وسيع امڪانن تي روشني وڌي ۽ خاطري ڪرائي ته سعودي عرب پنهنجي علمي وسيلن ۽ فني مهارت ذريعي پاڪستان جي معدني شعبي جي مدد ڪندو. هن پاڪستان جي نوجوان ۽ متحرڪ افرادي قوت کي به هڪ اهم اثاثو قرار ڏنو. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ٻڌايو ته جيولاجيڪل سروي آف پاڪستان، سعودي جيولاجيڪل سروي سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ٽيٿيان بيلٽ جي وسيع معدني صلاحيت کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ ريڪوڊڪ صرف هڪ ننڍو حصو آهي. پاڪستاني وفد ۾ اعليٰ سطحي پاليسي ساز، سرڪاري ادارن جا سربراهه، نجي شعبي جا نمائندا ۽ کاڻن جي شعبي جا اهم شراڪتدار شامل آهن جن ۾ پي پي ايل، او جي ڊي سي ايل، ماڙي انرجيز، جي ايڇ پي ايل، ايف ڊبليو او، پي ايم ڊي سي، سائنڊڪ ميٽلز ۽ بلوچستان سان تعلق رکندڙ معدني ڪمپنين سان گڏوگڏ خاص سروس فراهم ڪندڙن به شرڪت ڪئي. سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي پاڪستاني وفد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي شرڪت لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي قيادت جي تعريف ڪندي چيو ته ايف ايم ايف 2026ع ۾ پاڪستان جي موجودگي ٻنهي ملڪن جي پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي، پويلين جي دوري دوران بندر ابراهيم الخريب پاڪستاني ٽيم جي ڪوششن خاص ڪري پويلين جي منفرد ڊزائين ۽ اثرائتي انداز جي به تعريف ڪئي.











