اسلام آباد ۾ گرين ايريا گهٽي ناهي پر وڌي آهي، صحت کي نقصان ڏيندڙ وڻ عدالتي حڪم تي وڍرايا ويا آهن: طلال چوڌري

اسلام آباد -13 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري ايوان کي ٻڌايو ته اسلام آباد مان رڳو اهي وڻ وڍرايا ويا آهن جيڪي انساني صحت لاءِ نقصانڪار هئا ۽ اهو عمل سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ مڪمل سائنسي سروي کان پوءِ ڪيو ويو آهي. 29 هزار 115 وڻ ڪٽرايا ويا، 10 فٽن کان وڌيڪ ڊگها 40 هزار وڻ لڳايا ويا، …

اسلام آباد -13 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري ايوان کي ٻڌايو ته اسلام آباد مان رڳو اهي وڻ وڍرايا ويا آهن جيڪي انساني صحت لاءِ نقصانڪار هئا ۽ اهو عمل سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ مڪمل سائنسي سروي کان پوءِ ڪيو ويو آهي. 29 هزار 115 وڻ ڪٽرايا ويا، 10 فٽن کان وڌيڪ ڊگها 40 هزار وڻ لڳايا ويا، 30 مارچ تائين انهن هنڌن تي وڌيڪ 60 هزار وڻ لڳائينداسين. ايم اين اي محمد رياض فتيانه جي پوائنٽ آف آرڊر تي حڪومت پاران وضاحت ڪندي طلال چوڌري  چيو ته اسلام آباد جي قيام جي وقت فضا مان ٻج اڇلائي جيڪا وڻڪاري ڪئي وئي هئي، ان ۾ پيپر ملبيري جهڙا قسم لڳايا ويا هئا، جيڪي الرجي ۽ ٻين بيمارين جو سبب بڻجي رهيا آهن. هن واضح ڪيو ته 2009ع ۽ 2024ع جي عدالتي فيصلن  کان پوءِ ٻيلن جي ماهرن جي ڪميٽي  ٺاهي وئي جنهن جي رپورٽ جي روشني ۾ انهن نقصانڪار  وڻن کي ڪٽرائڻ لاءِ باقاعده ايس او پيز  واضح ڪيا ويا.  مملڪتي وزير وڻن جي تعداد جي حوالي سان ٻڌايو ته اسلام آباد مان هن وقت تائين 29 هزار 115 نقصانڪار وڻ ڪٽرايا ويا ۽ ان بدران هن وقت تائين 40 هزار اهڙا وڻ لڳايا ويا آهن جن جو قد 10 فٽ کان وڌيڪ آهي. هلندڙ سال 30 مارچ تائين وڌيڪ 60 هزار وڻ لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته جتي هڪ وڻ هٽايو ويو، اتي بدلي ۾ 4 ڀيرا وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويا آهن. طلال چوڌري ٻڌايو ته اسلام آباد جي گرين ايريا جي نگراني اسپارڪو، گوگل ميپ ۽ اين ڊي وي آءِ جهڙا عالمي معيار جي طريقيڪار سان ڪئي پئي وڃي. بحث ۾ حصو وٺندي ڊاڪٽر فاروق ستار تجويز ڏني ته رڳو ڳالهين سان ڪم نه هلندو پر 23 مارچ يا 14 آگسٽ کي نيشنل پلانٽيشن ڊي طور ملهايو وڃي ته ملڪ جو 25 ڪروڙ عوام ان مهم ۾ عملي طور شريڪ ٿئي ۽ وزيراعظم سيڪريٽريٽ پاڻ ان جي نگراني ڪري. ڊپٽي اسپيڪر معاملي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڌيان ڇڪايو نوٽيس موسمياتي تبديلي واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو.

مزید خبریں