سنڌ طاس معاهدي جي معطلي خطي جي امن ۽ پاڪستان جي آبي حقن لاءِ سنگين خطرو، ڀارت جي آبي جارحيت جو مقصد اسان کي پاڻي جي بحران ۾ مبتلا ڪرڻ آهي: وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد -13 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته ڀارت جي سنڌ طاس معاهدي جي معطلي خطي جي امن ۽ پاڪستان جي آبي حقن لاءِ سنگين خطرو آهي، ڀارتي آبي جارحيت جو مقصد پاڪستان کي پاڻي جي بحران ۾ مبتلا ڪرڻ آهي، ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين سبب گليشيئرز جي پگهرجڻ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي. هن …

اسلام آباد -13 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته ڀارت جي سنڌ طاس معاهدي جي معطلي خطي جي امن ۽ پاڪستان جي آبي حقن لاءِ سنگين خطرو آهي، ڀارتي آبي جارحيت جو مقصد پاڪستان کي پاڻي جي بحران ۾ مبتلا ڪرڻ آهي، ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين سبب گليشيئرز جي پگهرجڻ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي. هن اها ڳالهه نيشنل واٽر سيڪيورٽي  بابت ٽاسڪ فورس   جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ آبي وسيلن واري وزير به شرڪت ڪئي. آبي وسيلن واري وزارت تحت  خاص ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ ۽ 51 ڏينهن ۾ عمل جوڳيون سفارشون پلاننگ ڪميشن کي  پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هندوڪش ۽ هماليه ريجن ۾ برف پگهرجڻ جي شرح ۾ 65 سيڪڙو رڪارڊ اضافو ٿيو ۽ سياچن گليشيئرز ساليانو 50 کان 60 ميٽرن جي رفتار سان پگهرجي رهيو آهي. هماليه جي جبلن ۾ برف پگهرجڻ جي شرح 30 ميٽر ساليانو تائين پهچي وئي آهي. احسن اقبال پاڻي جي پاليسين کي عملي منصوبن ۾ بدلائڻ لاءِ فوري ٽيڪنيڪل ورڪشاپ گهرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ماحولياتي تبديلي سان گليشيئرز جي پگهرجڻ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي ۽ 1960ع کان هن وقت تائين گليشيئرز جي 23 سيڪڙو برف پگهرجي ضايع ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي سبب پاڪستان کي پاڻي جي سنگين ۽ ڊگهي مدي واري بحران کي منهن ڏيڻ جو امڪان آهي، هن چيو ته درياهن جي وهڪري ۾ وڌندڙ غيريقيني واري صورتحال پاڪستان لاءِ سنگين خطرو آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڻي جو تحفظ ئي غذائي سلامتي ۽ معاشي استحڪام جي ضمانت آهي. هن وفاق ۽ صوبن وچ ۾ نيشنل واٽر پاليسي تي هم آهنگي هر صورت ۾ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته واٽر سيڪيورٽي صرف هڪ شعبو نه پر ملڪي بقا ۽ خودمختياري جو بنياد آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ٽاسڪ فورس صرف مسئلن جي سڃاڻپ نه ڪري پر فوري حل به پيش ڪري.  پاڪستان جو 80 سيڪڙو پاڻي درياهن مان حاصل ٿيندو آهي، آبادي جي وڌندڙ دٻاءَ سبب پاڪستان شديد آبي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلي کي نظر ۾ رکندي واٽر مينيجمينٽ جي مالياتي ماڊل کي اپ ڊيٽ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته درياهن کي گدلو ڪري قيمتي مٺو پاڻي ضايع ٿي سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي، فائيو ايز ۾ هڪ اي پاڻي جي تحفظ جو احاطو ڪري ٿو. وفاقي وزير چيو ته يونيورسٽيون ۽ آبي ماهر گڏجي آبي تحفظ تي منصوبه سازي ڪن، ٽاسڪ فورس پاڪستان کي درپيش چئلينجز جو اثرائتو حل تجويز ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته ملڪ ۾ نون ڊيمن جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي، ديا مير ڀاشا ۽ مهمند ڊيمز  پاڪستان ۾ پاڻي جا ذخيرا وڌائڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا. وفاقي وزير چيو ته واپڊا چيئرمين، ارسا، نيشنل فلڊ ڪميشن ۽ سمورا صوبا ورڪنگ گروپ کي پنهنجيون ماهراڻيون تجويزون فراهم ڪن. هن پاڻي جي بحران  کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽائيم ٽيبل مقرر ڪرڻ ۽ عمل جوڳا حل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته آبي چئلينجز ۽ خطرن جو تدارڪ ترجيحي بنياد تي ڪيو ويندو.

مزید خبریں