اسلام آباد -13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ نادرا ترميمي بل 2025ع سميت 3 بل پيش ڪيا ويا. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرميلا فاروقي ايوان ۾ نادرا ترميمي بل 2025ع پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو. شرميلا فاروقي چيو ته اهو بل سينئر سٽيزن جي سڃاڻپ ڪارڊ جي ٻيهر جاري ڪرڻ بابت آهي. نور عالم خان چيو ته سندس سڃاڻپ ڪارڊ ڪينسل …
نادرا ترميمي بل 2025ع سميت 3 بل قومي اسيمبلي ۾ پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ نادرا ترميمي بل 2025ع سميت 3 بل پيش ڪيا ويا. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرميلا فاروقي ايوان ۾ نادرا ترميمي بل 2025ع پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو. شرميلا فاروقي چيو ته اهو بل سينئر سٽيزن جي سڃاڻپ ڪارڊ جي ٻيهر جاري ڪرڻ بابت آهي. نور عالم خان چيو ته سندس سڃاڻپ ڪارڊ ڪينسل ڪيو ويو آهي، ايس اين جي پي ايل جي درخواست تي نادرا اهو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان کيس مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اسپيڪر چيو ته کيس ان حوالي سان لکت طور درخواست ڏني وڃي. سحر ڪامران گادي اوري هنڌ اسلام آباد بيٽريون انتظام ۽ ٻيهر ڪارآمد بڻائڻ جو بل 2025ع ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري. ڊاڪٽر شذره منصب علي چيو ته ان معاملي تي ورڪنگ گروپ ڪم ڪري رهيو آهي. ان بل ۾ ڪا به اهڙي شئي ناهي جيڪا ورڪنگ گروپ ۾ شامل نه هجي. سحر ڪامران چيو ته هي اهم بل آهي ته جيئن گرين اڪانومي کي هٿي وٺائي سگهجي. اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو. طاهر اقبال ڪو آپريٽو سوسائٽيز ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو.











