وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ صحت سهولت پروگرام جي 34 هين نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ صحت سهولت پروگرام جي 34هين نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صحت سهولت پروگرام جي نظرثاني ٿيل پي سي ون جي منظوري ڏني وئي. پروگرام جي مجموعي لاڳت اٽڪل 40 ارب رپيا آهي ۽ ان جو مدو 30 جون 2027ع تائين هوندو. اجلاس دوران اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير …

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ صحت سهولت پروگرام جي 34هين نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صحت سهولت پروگرام جي نظرثاني ٿيل پي سي ون جي منظوري ڏني وئي. پروگرام جي مجموعي لاڳت اٽڪل 40 ارب رپيا آهي ۽ ان جو مدو 30 جون 2027ع تائين هوندو. اجلاس دوران اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سمورن مستقل رهواسين لاءِ يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي بحالي بابت اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته حڪومت يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. صحت سهولت پروگرام جي بحال ٿيل خدمتن جي باضابطه شروعات 16 جنوري 2026ع کان ٿيندي.

مزید خبریں