وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان ٽرانسپورٽ سيڪٽر جي نمائنده وفد جي ملاقات

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان ٽرانسپورٽ سيڪٽر جي نمائندن تي ٻَڌل وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي پورٽ جي چوڌاري ٽرڪن جي پارڪنگ جي رش ختم ڪرڻ لاءِ فوري قدمن جي درخواست ڪئي وئي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب 3 رڪني وفد جي قيادت پاڪستان ٽرانسپورٽ الائنس جو صدر ملڪ شهزاد اعواڻ ڪري رهيو هو. وفد ۾ ڪراچي …

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان ٽرانسپورٽ سيڪٽر جي نمائندن تي ٻَڌل وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي پورٽ جي چوڌاري ٽرڪن جي پارڪنگ جي رش ختم ڪرڻ لاءِ فوري قدمن جي درخواست ڪئي وئي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب 3 رڪني وفد جي قيادت پاڪستان ٽرانسپورٽ الائنس جو صدر ملڪ شهزاد اعواڻ ڪري رهيو هو. وفد ۾ ڪراچي گڊز ڪيريئر ايسوسيئيشن جو صدر ملڪ شير خان اعواڻ ۽ يونائيٽيڊ گڊز ٽرانسپورٽرز ايسوسيئيشن جي نمائندي غلام ياسين خان شامل هو. ملاقات دوران وفد ڪراچي پورٽ ۽ ان جي چوڌاري هلندڙ وڏين گاڏين لاءِ مختص پارڪنگ جي سهولتن جي سخت کوٽ کي اجاگر ڪيو ويو. سندن چوڻ هو ته مناسب پارڪنگ جي کوٽ سبب شهر جي وڏن روڊن تي روزانو هزارين ٽرڪن کي قطارن ۾ بيهڻ تي مجبور ڪيو ُڃي ٿو، جڏهن ته بندرگاهه ۾ داخلا جو انتظار هوندو آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جي سخت رش، ڪارگو هينڊلنگ ۾ دير ۽ ٽرانسپورٽررز جي آپريشنل خرچن ۾ واڌ ٿئي ٿي. ٽرانسپورٽررز وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته اها صورتحال مسافرن لاءِ تڪليف جو سبب بڻجي رهي آهي ۽ ماحولياتي ۽ روڊ جي حفاظت جي خدشن ۾ حصو وجهي رهي آهي. هن وفاقي حڪومت کان ان حل لاءِ ٽرڪ پارڪنگ لاءِ بندرگاهه ويجهو وقت ڪيل زمين مختص ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وفاقي وزير خدشن کي تسليم ڪيو ۽ ٽرڪ پارڪنگ کي هڪ اهم رڪاوٽ قرار ڏنو جيڪا بندرگاهه جي ڪارڪردگي ۽ شهري چرپُر کي متاثر ڪري ٿي. وفاقي وزير اصولي طور تي ڪراچي پورٽ تي گاڏين لاءِ ٽرڪ پارڪنگ جي خاص سهولتن جي قيام لاءِ 50 ايڪڙ ايراضيءَ مختص ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هو ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس سيڪٽر جي ڌُرين جي مشاورت کي آرڊينيشن ۽ فزيبلٽي جو ڪم شروع ڪن. وفاقي وزير چيو ته ٽريفڪ مئنجمينٽ ۽ پارڪنگ جي مسئلن کي حل ڪرڻ سامونڊي واپار جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۽ ڪراچيءَ جي رهواسين کي جي زندگي جي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ ضروري آهي. وفد وفاقي وزير طرفان خاطري جي آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اعلان ڪيل ٽرانسپورٽ سيڪٽر جي پُراڻن چئلينجن مان هڪ جي پائيدار حل طرف وٺي ويندو.

مزید خبریں